قصور ۾ معصوم ٻارڙي زيادتي بعد قتل، احتجاجي مظاهرا، ڌرڻا، ٽرانسپورٽ ۽ مارڪيٽون بند، 2 ڄڻا قتل

اسلام آباد/قصور / لاهور (اين اين آءِ)پنجاب صوبي جي شهر قصور ۾ هڪ ٻي معصوم نينگري کي مبينه زيادتي کان پوءِ گهٽو ڏيئي ماريو ويو پوليس مطابق قصور جي علائقي روڊ ڪوٽ جي رهواسڻ ستن ورهين جي ٻارڙي پنج جنوري تي ٽيوشن ويندي اغوا ٿي ۽ چئن ڏينهن کان پوءِ ان جو لاش ڪشمير چوڪ ويجهو هڪ ڪچري جي ڍير تان هٿ آيو پوليس مطابق ٻارڙي کي زيادتي کان پوءِ گهٽو ڏيئي ماريو ويو ڊي پي او قصور ذوالفقار احمد ٻڌايو ته قصور جي واقعن تي 5000 کان وڌيڪ ماڻهن کان جاچ ڪئي ويئي آهي ته 67 ماڻهن جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرايو ويو هن چيو ته شهر ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪئمرائن جي مدد سان جاچ شروع ڪئي ويئي ٻارڙي جي وارثن ۾ سي سي ٽي وي فوٽيج فراهم ڪئي ڊي پي او مطابق سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ٻارڙي کي جوابدار سان ويندي ڏٺو ويو هن ٻڌايو ته قتل ڪيل ٻارڙي جا والدين عمري جي سعادت لاءِ ويل آهن ڊي پي او مطابق جملي طور تي زيادتي کان پوءِ قتل ٿيل هي اٺين ٻارڙي آهي ۽ زيادتي جو شڪار ٻارڙين جي ڊي اين اي مان هڪ ئي نمونو مليو آهي ٻارڙي جي قتل جي خبر جنگ ۾ باهه وانگر سڄي شهر ۾ پکڙجي ويئي ۽ ماڻهو احتجاج ڪندي گهرن مان نڪري آيا ماڻهو روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيا ۽ مارڪيٽ به بند ڪيا ويا ۽ ٻئي پاسي هرهنڌ پوليس جي خلاف مظاهرا ڪيا ويا ۽ فيروزپور روڊ تي مظاهرو ڪندڙن پوليس کي ڌڪا پڻ ڏنا قصور ۾ هڪ سال دوران 11 معصوم ٻارڙين کي اغوا کان پوءِ قتل ڪيو ويو پر پوليس هڪ به ڏوهاري اڃا تائين گرفتار نه ڪري سگهي. پوليس پاران جوابدارن کي جلد گرفتار ڪرڻ جي خاطري کان پوءِ مظاهرو ڪندڙن احتجاج ختم ڪري ڇڏيو ۽ سمورن روڊن تي ٽريفڪ بحال ٿي ويئي ٻئي پاسي وڏي وزير شهبازشريف قصور ۾ زيادتي کان پوءِ ٻارڙي جي قتل جو نوٽيس وٺي ڇڏيو شهباز شريف قاتلن جي فوري گرفتاري جو حڪم ڏيندي آءِ جي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ هدايت ڪئي ته قاتلن کي گرفتار ڪري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف قصور ۾ 7 ورهين جي ٻارڙي سان زيادتي کانپوٰءِ قتل جي واقعي خلاف سڄي شهر ۾ احتجاج شروع ٿي ويو، مڇريل ماڻهن ڊي سي آفيس جو گهيراءُ ڪري ڇڏيو، عمارت کي نقصان پهچائڻ سان گڏ سرڪاري ۽ خانگي گاڏين کي ڀڃي ڇڏيو، احتجاج ڪندڙ مڇريل ماڻهن تي پوليس سڌيون گوليون هلايون جنهن ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿي پيو، مظاهرو ڪندڙن پاران پوليس تي پٿراءُ ڪيو ويو، واقعي خلاف شهر ۾ سمورا تجارتي مرڪز بند ڪيا ويا، ضلعي انتظاميا جي درخواست تي حالتن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ رينجرز کي طلب ڪيو ويو، ڊاڪٽر طاهر قادري معصوم ٻارڙي جي جنازي نماز پڙهائي جنهن ۾ هزارين ماڻهن شرڪت ڪئي، چيف جسٽس هاءِ ڪورٽ واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس وٺندي رپورٽ طلب ڪري ورتي. ان موقعي تي ڊاڪٽر طاهر قادري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قصور وارن سان هي 12 هون ڀيرو ٿيو آهي، الله ظالمن کي آخري انجام تائين پهچائي ۽ هن ڌرتي تي امن قائم ڪري، هن چيو ته جنهن دور حڪومت معصوم ٻارڙين کي تحفظ فراهم نه ڪيو وڃي اهڙي حڪومت کي اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به حق نه آهي، زينب جو قتل انسانيت جي تذليل آهي، هن چيو ته نواز شريف ڪٿي آهين، اچ يتيمن ۽ مظلومن سان اچي گڏجي بيهه، شهباز شريف اچ مظلومن کي گڏجي سهارو ڏيو، هن چيو ته پوليس جي فائرنگ۾ 2 ڄڻا مارجي ويا ڪيترائي زخمي ٿيا، اهو ننڍو ماڊل ٽائون سانحو آهي، اڄ ماڊل ٽائون سانحي جي تاريخ ورجائي وئي آهي، رينجل پوليس آفيسر صحافين کي ٻڌايو ته ٻارڙي جو موت گهٽو ڏيڻ سان ٿيو آهي، هن امڪان ظاهر ڪيو ته ٿي سگهي ٿو ته ان ٻارڙي جي قتل ۾ 2 ڄڻا ملوث هجن، جڏهن ته جلد جوابدار قانون جي گرفت ۾ هوندا، هن ٻڌايو ته ڊاڪٽرن پاران رپورٽ ۾ موت جو سبب ناهي لکيو ويو آهي، مختلف نمونا فرانزڪ رپورٽ لاءِ موڪليا ويا آهن، وڏي وزير هدايت ڪئي آهي ته ان جي رپورٽ ترجيحي بنيادن تي فراهم ڪئي وڃي. قصور ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل 8 ورهين جي نينگري زينب جي والدين جو چوڻ آهي ته قاتلن جي گرفتاري تائين نياڻي جي تدفين نه ڪنداسين، اربع تي عمري جي سعادت حاصل ڪرڻ کانپوءِ وطن واپسي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي قصور ۾ زيادتي کانپوءِ قتل ٿيل ٻارڙي جي والد چيو ته پوليس ٻارڙي کي ڳولڻ ۾ تعاون نه ڪيو، جيڪڏهن پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪري ها ته جوابدار گرفتار ٿي وڃن ها، ٻارڙي جي والد چيو ته جيستائين جوابدار گرفتار نه ڪيا ويندا ان وقت تائين نياڻي جي تدفين نه ڪنداسين، هن چيف جسٽس آف پاڪستان ۽ آرمي چيف کان واقعي جو نوٽيس وٺڻ ۽ انصاف فراهم ڪرڻ جي اپيل ڪئي، زينب جي والد چيو ته اسان سان جيڪو ظلم ٿيو ان تي دل رت جا ڳوڙها ڳاڙي رهي آهي، سيڪيورٽي حڪمرانن لاءِ آهي، اسان ته جيت ماڪوڙا آهيون، عام ماڻهو لاءِ ڪو تحفظ نه آهي، هن چيو ته اسان گذريل 2 سالن کان نياڻين کي گهر کان ٻاهر موڪلڻ کان ڊنل آهيون، هڪ پٽ ۽ 2 نياڻيون آهن، زينب کي 4 ڪلما ياد هئا ۽ پنجون ياد ڪري رهي هئي، جڏهن ته هوءَ هر وقت دورود شريف پڙهندي هئي، ان موقعي تي ميڊيا ٻارڙي جي امڙ سان به ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي پر هوءَ صدمي سبب نه ڳالهائي سگهي، هن چيو ته منهنجي نياڻي زينب هن دنيا ۾ نه رهي آهي ته مان ڇا چوان، مون کي انصاف گهرجي، واضح رهي ته قصور ۾ زينب کي زيادتي کانپوءِ گهٽو ڏئي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته جوابدارن ٻارڙي جو لاش گندي جي ڍير ۾ اڇلائي ڇڏيو، 5 ڏينهن اڳ زينب گهر کان نڪتي هئي، جڏهن ته کيس رستي تان اغوا ڪيو ويو. پاڪستان عوامي تحريڪ جي سربراهه طاهر قادري 7 ورهين جي نياڻي زينب جنهن کي وحشي صفت عنصرن اغوا کانپوءِ قتل ڪري ڇڏيو هو، سندس قصور ۾ جنازي نماز پڙهائڻ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ماڊل ٽائون شهيدن سان گڏ قصور شهيدن جو به انتقام وٺنداسين، عوام جي جان ۽ مال ۽ گلاب جي گلن جهڙن ٻارڙن جي تحفظ ۾ ناڪام حڪمرانن جو اقتدار ۾ رهڻ جو ڪو به جواز نه آهي، حڪمران جلد کان جلد استعيفيٰ ڏين، پوليس انصاف لاءِ آواز اٿاريندڙ هٿين خالي شاگردن تي سڌي فائرنگ ڪري ماڊل ٽائون سانحي جي تاريخ ورجائي، جيستائين هي وحشي صفت قاتل حڪمران مڙهيل رهندا، تيستائين گلاب جهڙا ٻارڙا ۽ ٻارڙيون قتل ٿينديون رهنديون، هن چيو ته معصوم زينب قرآن پاڪ پڙهڻ وڃي رهي هئي ته ظالمن کيس قتل ڪيو، هي انسانيت جا ذميوار قاتل اعليٰ پنجاب ۽ ان جي گنڊا پوليس آهي، طاهر قادري چيف جسٽس لاهور هاءِ ڪورٽ پاران واقعي تي نوٽيس وٺڻ کي ساراهيو ۽ چيو ته قاتل ڀل ڪيڏا بااثر ڇو نه هجن کين ۽ سندن سرپرستن کي آخري انجام تائين پهچائڻ لاءِ ڪا به رعايت نه ڪئي وڃي. هوڏانهن عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري 7 سالن جي زينب جي قاتل جي گرفتاري تائين قصور ۾ قيام جو فيصلو ڪري ورتو آهي. ميڊيا جي رپورٽن موجب 7 سالن جي زينب جو والد عوامي تحريڪ جو ملازم آهي ۽ ٻارڙي جي جنازي نماز عوامي تحريڪ جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر القادري ادا ڪئي. عوامي تحريڪ جي سربراهه اعلان ڪيو ته هو معصوم ٻارڙي جي قاتلن جي گرفتاري تائين قصور ۾ ئي رهندو ۽ متاثر خاندان کي انصاف ڏيارڻ کان سواءِ  نه ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *