قسم کڻي چوان ٿو ٿر ۾ رڳو 32 ماڻهو فوت ٿيا آهن: مهتاب ڏهر

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسميبلي ۾ ملازمن جا گهر ڊاهڻ خلاف اپوزيشن طرفان احتجاج ۽ واڪ آئوٽ ڪيو ويو. ٿر جي صورتحال تي بحث ڪندي صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر چيو ته هو قسم کڻي چوي ٿو ته ٿر ۾ رڳو 32 ماڻهو فوت ٿيا آهن. سنڌ اسميبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته اپوزيشن اسميبلي احاطي ٻاهران ملازمن جا گهر ڊاهڻ خلاف سخت احتجاج ڪيو. نندڪمار ڳالهائيندي چيو ته پارڪنگ لاءِ غريبن جا گهر ڊاهڻ ناجائز عمل آهي. اپوزيشن ليڊر خواجه اظهار الحسن چيو ته متاثر ملامن کي متبادل رهائش ڏني وڃي، اسپيڪر آغا سراج دراني چيو ته پيپلز پارٽي جي ڪنهن کي به بي گهر ڪرڻ واري پاليسي ناهي. هن چيو ته سندن پارٽي اٽو ، لٽو ۽ اجهو ڏيڻ واري پاليسي تي ڪم ڪري رهي آهي. هن چيو ته پيپلز پارٽي ڪنهن جا به گهر نه ڊاهندي، متبادل گهر ڏيڻ تائين ڪوارٽرن کي نه ڪيرايو ويندو. آغا سراج دراني چيو ته پي ٽي آءِ جي دوستن پارڪنگ جو مسئو اٿاريو هو. سراج دراني چيو ته سنڌ اسيمبلي جي سيڪريٽريٽ تي سياست نه ڪئي وڃي. اسپيڪر جو چوڻ هو ته سياست ۾ ايندڙ نون ماڻهن کي سکڻ لاءِ وقت لڳندو. مخالف ٿر جي صورتحال تي بحث ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو جنهن دوران ايم ڪيو ايم جي محمد حسين ۽ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ ٿي ۽ ايوان ۾ گوڙ ٿي ويو. صحت واري صوبائي وزير ايوان کي آگاهي ڏني تي هو قسم ساک سان چوي ٿو ته ٿر ۾ هن وقت تائين رڳو 32 فوتگيون ٿيون آهن. هن چيو ته ٿر ۾ حقيقت ڪجهه ٻئي آهي ان کي ٽوڙي مروڙي پيش ڪيو پيو وڃي. صوبائي وزير چيو ته ٿر ۾ ڊاڪٽر پنهنجو ڪم بهتر نموني ڪري رهيا آهن. ڄام مهتاب ڏهر جو چوڻ هو ته ساڻس ماهر ڊاڪٽر ويهاريا وڃن هو کين صورتحال کان آگاهه ڪندو. صوبائي وزير ڄام مهتاب ڏهر جي بيان تي اپوزيشن سخت احتجاج ڪيو جنهن دوران اسپيڪر کين ويهڻ جي درخواست ڪندو رهيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *