قرض معاف ڪرڻ بابت تڪرار: گيس انفرااسٽريڪچر سيس بابت آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان گيس انفرااسٽريڪچر ڊيولپمينٽ  سيس بابت  آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي. وزير اعظم عمران خان گيس انفرااسٽريڪچر ڊيولپمينٽ سيس بابت آرڊيننس واپس وٺڻ جو فيصلو ڪيو آهي، وزير اعظم اِهو فيصلو قرض معاف ڪرڻ بابت تازي تڪرار جي ڪري شفافيت کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڪيو. وزير اعظم آفيس موجب وزير اعظم جي اٽارني جنرل کي معاملي تي سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي جڏهن ته وزير اعظم قوم کي ٻڌائڻ چاهي ٿو ته عدالت وڃڻ سان فيصلو خلاف اچڻ جو به خطرو آهي، عدالت وڃڻ سان حڪومت کي سڄي رقم  واپس ملڻ يا وڃائجي وڃڻ جو به خدشو آهي جڏهن ته آرڊيننس جاري ڪرڻ جو مقصد عدالت جي ٻاهران ڳالهين جي ذريعي 50 سيڪڙو رقم وصول ڪرڻ هو. وزير اعظم آفيس  موجب فيصلو خلاف اچڻ سان حڪومت تي ري فنڊ جي مد ۾ 295 ارب جو بار پوڻ جو امڪان آهي، معاملو عدالت ۾ هئڻ جي ڪري 417 ارب رپين جي رقم ڦاٿل هئي جڏهن ته سپريم ڪورٽ جي آءِ ڊي سي کي رد ڪري ڇڏيو هو، سپريم ڪورٽ جي فيصلي خلاف وفاقي حڪومت جي نظرثاني درخواست به رد ٿي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ نئين قانون سازي ڪئي وئي جيڪا مختلف هاءِ ڪورٽس ۾ چيلينج ٿي. ياد رهي ته گيس ٽيرف ۾ 200 سيڪڙو تائين واڌ کان پوءِ  ڏيڍ مهيني کان به گهٽ عرصي ۾ حڪومت گيس جي گهٽ ۾ گهٽ قيمت ۾ لڳ ڀڳ سمورن صارفن جي لاءِ وڌيڪ 39 سيڪڙو واڌ ڪري ڇڏي هئي. پر ڪمرشل صارفن جي لاءِ اِها واڌ 9 سيڪڙو ٿيڻ جا امڪان هئا جڏهن ته گهرو صارفن جي لاءِ ان ۾ ڪا به ڦيرڦار نه ڪئي وئي هئي. اِهو فيصلو آئل اينڊ گيس ريگوليٽري اٿارٽي (اوگرا) توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويز جي تجويز تي ڪيو هو. ان فيصلي جي موجب هر صارف کيگيس استعمال ڪرڻ يا نه ڪرڻ جي باوجود گهٽ ۾ گهٽ چارجز ادا ڪرڻا پوندا يعني جيڪڏهن هڪ اهڙي جاءِ جتي گيس جو ڪنيڪشن موجود هجي پر استعمال ٻڙي هجي ان کي به اِهي چارجز ادا ڪرڻا پوندا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published.