
اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته قرض مان ڇٽڪاري لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو. پنهنجي هڪ بيان ۾ شاهه محمود قريشي چيو ته قرض جي بار هيٺ دٻيل ڪا به قوم خوشحال نٿي ٿي سگهي، قرض مان ڇٽڪاري لاءِ ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو، معيشت کي دستاويز شڪل ڏيڻي پوندي. هن چيو ته ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ اسان سڀني کي ڪردار ادا ڪرڻو پوندو، ٽيڪس جي ادائيگين لاءِ ٻين کي به همٿايو، پاڪستان خوشحال ٿيندو ته اسان خوشحال ٿينداسين.