قربانين ۽ جدوجهد کان پوءِ مليل جمهوريت تي ڪهاڙو هڻڻ نه ڏينداسين: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نوازشري1111111111111111111111111111111111ف واضح ڪيو آهي ته قربانين ۽ جدوجهد کان پوءِ ملندڙ جمهوريت کي ڪهنهن کي ڪهاڙو هڻڻ نه ڏينداسين مون کي  ڪرسي ۽ اقتدار جي ڪائي لالچ نه آهي زميواري الله تعاليٰ جي امانت سمجهي قبول ڪئي آهي ڪوئي لانگ مارچ يا شارٽ مارچ اسان کي پنهنجي مشن تان نٿو هٽائي سگهي ڪوئي غلط فهمي ۾ نه رهي پنجن هفتن کان ماڻهن کي بعاوت تي بڙڪايو پيو وڃي ڏڦيڙ جي ايجنڊا هميشه لاءِ ختم ٿي ويندي اسان ڳالهين جي ڪوشش ڪندارهياسين شاهراهه دستور تي پارليامينٽ کي قبرستان بنائڻ جا نعرا لڳندا رهيا ڌرڻن وارا اڳواڻن کي عوام جي عدالت ۾ وطن دشمني جو حساب ڏيڻو پوندو عمران خان بني گالا ۾ ملاقات دوران هڪ لفظ به ڌانڌلي بابت ناهي چيو آئين تحت حق حڪمراني عوام وٽ آهي هر رستو آئين مان نڪرندو ڌرڻن وارا پنهنجي عملي طريقيڪار تي نظرثاني ڪن شاهراهه دستور کي خالي ڪرائڻ نه ڪالهه ڏکيو هو ۽ نه اڄ ڏکيو آهي صبر کان ڪم وٺي رهيا آهيون الله جي فضل ۽ ڪرم سان پنهنجو سفر جاري رکنداسين چيني صدر ڀارت ۾ آهي اربن جا معاهده ٿي رهيا آهن پاڪستاني قوم چيني صدرجي ميزباني کان محروم رهي جمعي تي پارليمينٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم نوازشريف چيو ته پارليمينٽ جو گڏيل اجلاس گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان جاري آهي جنهن ۾ موجوده صورتحال تي بحث ٿيندو رهيو 18 ڪروڙ عوام جي نمائندگي ڪندڙ ايوان سنجيدگي سان موجوده صورتحال تي غور ڪندو رهيو ڇو ته سڄي دنيا ۾ پاڪستان جو تماشو بڻائي ڇڏيو آهي پارليمينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ ميمبرن هر پهلو جو جائزو ورتو ۽ پنهنجي قيمتي راين کان آگاهه ڪيو ۽ اسان جي رهنمائي ڪئي ۽ پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس جمهوري ۽ پارليماني تاريخ جو سونهري ورڪ آهي هن جو ڪردار جمهوري قوتن لاءِ مشعل راهه بڻجندو هن اهم مرحلي تي سياسي جماعتن پنهنجو وزن آئين ۽ جمهوريت جي پڙ ۾ وڌو قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه ۽ پارليماني جماعتن جي اڳواڻن جو ٿورائتو آهيان جن آئين ۽ جمهوريت جو ساٿ ڏنو ۽ ائين ٽوڙيندڙ عنصرن کي رد ڪيو نوازشريف چيو ته وڪيلن صحافين دانشورن ۽ سول سوسائٽي جو به ٿورائتو آهيان انهن آئين ۽ قانون جي رکوالي جي ڳالهه ڪئي ميڊيا انتشار ڦهلائيندڙ عنصرن کي بي بقاب ڪيو مان پاڪستاني عوام جو شڪرگذار آهيان جنهن وڳوڙ ڦهلائيندڙ عنصرن کي رد ڪري جمهوريت جو مظاهرو ڪيو هن چيو ته پنجن هفتن کان ڏسي رهيا آهيون ته شاهراه دستور تي جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي چڙ ڏياريندڙ تقريرون ڪيون پيون وڃن جذبا ڀڙڪايا پيا وڃن قبرون کوٽيون پيون وڃن 34 ڏينهن ۾ سوين دفعا ساڳي تقرير ٿي رهي آهي پارليمينٽ سياسي جماعتن جا اڳواڻ ۽ حڪومت صبر کان ڪم ورتو لاهور ۽ ٻين شهرن کان اسلام آباد پهچندڙن پنهنجي پسند جي جڳهه جي چونڊ ڪئي اسان کي ضمانت ڏني ۽ لکت ۾ عهد ڪيو ته هو اڳتي نه ويندا پر سڀني واعدن کي نطرانداز ڪري هڪ ئي ڏينهن ۽ هڪ ئي وقت ريڊ زون تي حملو ڪيو ويو ٻارڙن عورتن بزرگن کي ڊال بڻائي چڙهائي ڪئي سپريم ڪورٽ هدايت ڏني شاهراهه دستور کي خالي ڪرايو پر سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي پرواهه نه ڪئي اسان کي چيو ويو ته ڪنهن عمارت ۾ داخل نه ٿينداسين پوري قوم ڏٺو ته ڪهڙي طرح حملو ڪيو ويو هي ايوان هڪ فرد ڪنهن پارٽي جو نه آهي پر 18 ڪروڙ عوام جو آهي پارليمينٽ ائين جي حڪمراني جي علامت آهي انهن علامتن جي توهين 18 ڪروڙ عوام جي توهين آهي پي ٽي وي تي حملو ڪري ڀڃ ڊاهه ڪئي ويئي ڦرلٽ کان پوءِ نشريات بند ڪئي ويئي وزيراعظم چيو ته جيڪڏهن هي ڌانڌلي جي خلاف احتجاج آهي ته چيو ويو ته ڌانڌلي جي جاچ ڪرائي وڃي ڪائي منظم ڌانڌلي ناهي ٿي هي پاڪستاني تاريخ جون شفاف چونڊون ٿينديون 200 مبصرن چونڊن کي شفاف قرار ڏنو هن چيو ته ڌرڻي وارن جي خيال ۾ قوم جي يادداشت ڪمزور آهي پر ائين نه آهي. ڪالهه انهن ماڻهن ڇا چيو هو ۽ اڄ ڇا چئي رهيا آهن 11 مئي 2013 تي چونڊون ٿيون 272 حلقن تي پي ٽي آءِ 241 اميدوار بيهاريا 27 سيٽن تي ڪايمابي ملي 55 حلقن ۾ پي ٽِ آءِ جي اميدوارن جون ضمانتون ضبط ٿي ويون انهن حلقن ۾ هو ساڍا 12 سيڪڙو ووٽ حاصل نه ڪري سگهيا ٽربيونل جوڙيو ويو ۽ 60 0ڏينهن تائين پي ٽِ آءِ غور ڪندي رهي 2 مهينا غور کان پوءِ 30 حلقن تي درخواستون داخل ڪيون انهن 30 حلقن مان 20 سيٽون مسلم ليگ (ن) کٽيون آهن جيڪڏهن فرض ڪيو ته هي 20 سيٽون به پي ٽي آءِ کي ملي وڃن ها ته عملي طور تي ڪو فرق نه پوي ها ۽ پوءِ به مسلم ليگ (ن) واضح اڪثريت سان ڪامياب ٿئي ها وزيراعظم چيو ته جنهن جواز تي 342 ميمبرن کي گهر موڪلڻ چاهين ٿا وزيراعظم چيو ته 35 پنڪچر جي پراسرار ڪهاڻي تلاش ڪئي ويئي انهن مان 15 پنجاب جا حلقا هئا ۽ 20 حلقا ٻين صوبن مان هئا 12 ۾ مسلم ليگ (ن) ڪامياب ٿي هن بيشمار شخصيتن تي الزام لڳايو آهي ۽ ان جا ڪوئي ثبوت ناهن ڏنا. هن چيو ته مان پارليامينٽ جي سمورن پارٽين جو شڪريو ادا ڪيان ٿو جن ان موقعي تي تاريخ ساز ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ جمهوريت جو سفر جاري رهندو ڪنهن قيمت تي جمهوريت کي فساد جي نظر نه ٿيڻ ڏينداسين ڪجهه ماڻهو انتشار جي ايجنڊا کڻي آيا آهن ۽ هي هميشه لاءِ دفن ٿي ويندو 18 ڪروڙ عوام کي آڱرين تي ڳڻڻ جيترن عنصرن آڏو ڪڏهن به نه جهڪڻ ڏينداسين.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *