قذافي اسٽيڊيم ۾ نوجوان 2 نارين کي سندن امڙ سميت قتل ڪري ڇڏيو

لاهور(م.ڊ) لاهور جي قذافي اسٽيڊيم ۾ نوجوان 2 نارين ۽ سندن امڙ کي قتل ڪري پاڻ خودڪشي ڪري ڇڏي، هڪ عورت زخمي، پوليس موجب اهي سڀ ماڻهو گڏجي قذافي اسٽيڊيم آيل هئا، ڪنهن ڳالهه تي تڪرار ٿيڻ تي نوجوان فائرنگ ڪري ڪار ۾ ويٺل ٻه ڀيڻن کي قتل ڪيو، سندن امڙ زخمي ٿي پئي، نارين کي قتل ڪرڻ بعد نوجوان پاڻ کي به گولي هڻي خودڪشي ڪري ڇڏي، فوتين جا لاش ۽ زخمي عورت کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال پهچايو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪيو، خودڪشي ڪندڙ بشير نارين جي والد جو دوست هو، مارجي ويل ناري جو تعلق باغبان پوره جو رهواسي هيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *