قبائلي علائقن ۾ نئين تعمير بحالي لاءِ گڏيل ۽ هڪجهڙي پاليسي تي عملدرآمد جي ضرورت آهي: آرمي چيف

راولپنڊي (بيورو) چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف قبائلي علائقن ۾ نئين تعمير ۽ بحالي لاءِ گڏيل ۽ هڪجهڙي پاليسي تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته نوجوانن کي تعليم ۽ معاشي موقعا فراهم ڪرڻ جا منصوبا تويل مدتي بنيادن تي دهشتگردي جي خاتمي ۾ مدد ڏيندا، علائقي مان دهشتگردن کي ڪڍڻ لاءِ قبائلي ڀائرن جو ڪردار  قابل فخر آهي، افغان اختيارين پاران مهمند ۽ باجوڙ اينجسي جي بلمقابل افغان علائقن ۾ جاري آپريشن سان سرحد پار دهشتگردي جي واقعن تي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ مدد ملندي، آءِ ايس پي آر موجب چيف آف آرمي اسٽاف جنرل راحيل شريف اڱاري تي مهمند ايجنسي فاٽا جو دورو ڪيو، آرمي چيف کي استحڪام لاءِ ڪيل آپريشن جي اڳڀرائي ۽ آرمي انجنيئرز پاران جاري ترقياتي منصوبن جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، پاڪ فوج جو اڳواڻ آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب ڪندي سندن پيشواريت جدوجهد ۽ دهشتگردي خلاف جنگ ۽ مهمند ايجنسي ۾ استحڪام لاءِ ڏنل قربانين کي ساراهيو، جنرل راحيل شريف دهشتگردن کان علائقو ڪليئر ڪرائڻ کانپوءِ وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ نئين تعمير ۽ بحالي لاءِ هڪ گڏيل ۽ هڪجهڙي پاليسي تي عملدرآمد جي ضرورت تي زور ڏنو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *