قانون ۽ آئيني گهرجون ٽوڙي نيب چيئرمين جي ملازمت واري مدي ۾ واڌ ڪئي پئي وڃي: شاھد خاقان عباسي

اسلام آباد (اين اين آءِ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته قانون ۽ آئيني گهرجون ٽوڙي نيب جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال کي واڌ ڏني پئي وڃي ميڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته صدر قلم کڻي وزيرن جي تيار ڪيل آرڊيننس تي صحيح ڪرڻ لاءِ تيار ويٺو آهي قانون چوي ٿو ته صلاح مشورو ڪيو وڃي جڏهن ته وزيراعظم انڪار ڪري رهيو آهي، اڳوڻي وزيراعظم چيو ته قانون واضح آهي ته چيئرمين نيب جي نوڪري جي مدي ۾ واڌ نٿي ٿي سگهي. چيئرمين نيب جي مدي ۾ 3 ڏينهن بچيا آهن اڃا تائين نئين چيئرمين لاءِ صلاح مشورا ناهن ڪيا ويا وزيراعظم چيئرمين نيب جي مقرري لاءِ اپوزيشن ليڊر سان صلاح مشورا نه پيو ڪري هن چيو ته پنڊورا پيپرز ۾ جن جانالا آيا آهن اهي ٻڌائين ته انهن ڪمپني ڇو ٺاهي هي ڪرمنل ڪارروائي هوندي آهي، ڪميشن ۽ ڪميٽي جو ڪم نه آهي، پنڊورا پيپرز ۾ 700 پاڪستانين جا نالا آيا اهن جيستائين ڪنهن جي خلاف ثبوت نه اچي اهو بي ڏوهه هوندو آهي جڏهن ته اهو جيل ۾ پهريان وڌو ويندو آهي ثبوت پوءِ ڳوليا ويندا اهن شاهد خاقان عباسي چيو ته پانامه پيپرز ۾ نوازشريف جو نالو نه هو کيس سزا ڏني وئي انهن 700 ماڻهن لاءِ به ساڳيو طريقو هئڻ گهرجي جيڪو نوازشريف سان ڪيو ويو هو جڏهن کانهي رپورٽ آئي آهي نيب ڇا ڪارروائي ڪئي آهي؟ هن چيو ته جڏهن کان حڪومت آئي آهي 15 کان 20 ڪميشن ٺهيا آهن ڪنهن کي ڪهڙي سزا ٿي ڪا خبر نه آهي حڪومت جي ذميواري اهي ته جيڪو طريقو نوازشريف ساناختيار ڪيو ويو اهو انهن 700 ماڻهن سان به ڪيو وڃي انهن 700 ماڻهن کي به پهريان جيل ۾ وجهو پوءِ انهن جي خلاف جاچ ڪريو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *