قانون کي گهربل ليڊرز عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن: شبلي فراز

اسلام آباد (اين اين آءِ/م.ڊ) وفاقي وزير شبلي فراز چيو آهي ته قانون کي گهربل ليڊرز عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اپوزيشن سياسي مفادن لاءِ عوام کي قومي ادارن خلاف ڀڙڪائڻ جي غلطي ڪري رهي آهي، قومي ادارا ملڪي بقا ۽ سلامتي لاءِ بُنيادي حيثيت رکن ٿا، عمران خان اپوزيشن آڏو نه پهرين جهڪيو آهي ۽ نه ئي هاڻي جهڪندو، پنجاب جي وڏي وزير عثمان بزدار اپوزيشن تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته پي ڊي ايم دشمنن جي ايجنڊا تي هلي رهي آهي، ملڪي ادارا هر شهري لاءِ احترام لائق آهن ۽ ادارن جي مضبوطي سان ئي ملڪي استحڪام سلهاڙيل آهي، ادارن کي ڪمزور ڪندڙ ڌُريون ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش ڪري رهيون آهن، ادارن مٿان بنا جواز الزام لڳائيندڙن کي عوام ڪڏهن به معاف نه ڪندو.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *