قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ٽڪراءُ نه ٿا چاهيون، ايم ڪيو ايم ۾ هٿياربند ونگ ناهي: الطاف حسين

لنڊن(م.ڊ) متحده قومي موومينٽ جي قائد الطاف حسين چيو آهي ته ايم ڪيو ايم قانون لاڳو ڪندڙ ڪنهن به اداري سان ٽڪراءُ نه ٿي چاهي متحده ۾ ڪنهن قسم جي ڪابه هٿياربند ونگ ناهي ايم ڪيو ايم اعلامئي مطابق الطاف حسين پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو آهي ته ايم ڪيو ايم عدم تشدد تي يقين رکندڙ جمهوري، لبرل ۽ پروگريسو پارٽي آهي، هن چيو ته ڪجهه عنصر سوشل ميڊيا تي پاڻ کي ايم ڪيو ايم جو ظاهر ڪري رينجرز ۽ پوليس سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان ٽڪراءُ جو سبق ڏئي رهيا آهن پر انهن جو ايم ڪيو ايم سان ڪوبه تعلق ناهي، هن جو چوڻ هو ته هي عمل ايم ڪيو ايم کي بدنام ڪرڻ جي سازش جو تسلسل آهي الطاف حسين جو چوڻ هو ته ايم ڪيو ايم ناانصافين خلاف آئين ۽ قانون جي دائري ۾ رهي پرامن احتجاج ۽ اهڙن جلسن جلوسن تي يقين رکي ٿي جن ۾ تشدد کي هڪ سيڪڙو به عمل دخل نه هجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *