قانون سازي ان وقت ڪئي پئي وڃي جڏهن آئين ٽوڙيندڙ کي با عزت بري ڪري ٻاهر موڪليو ويو: خورشيد شاهه

اسلام آباد – 21 مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو آهي ته اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سينيٽ چيئرمين جي رولنگ جي حوالي سان سوچ ويچار سان ڪو حل ڪڍڻ گهرجي، جنرل (ر) پرويز مشرف جي پرڏيهي ملڪ روانگي افسوسناڪ آهي. سومر ڏينهن پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس دوران مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه چيو ته اسان کي حڪومت جي نيت تي ڪو شڪ نه آهي، هن چيو ته اجلاس طلب ڪرڻ جي حوالي سان سينيٽ چيئرمين جي رولنگ جي حوالي سان سوچ ويچار سان ڪو حل ڪڍڻ گهرجي. هن اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي پرڏيهي ملڪ روانگي جي حوالي سان حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻايو. مخالف ڌر اڳواڻ چيو ته پرويز مشرف هڪ چونڊيل وزيراعظم کي برطرف ڪري گرفتار ڪيو ۽ سندس خاندان کي مسئلن جي ور چاڙهيو ويو، وزيراعظم بجا طور آئين جي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائڻ جي حوالي سان هن ايوان کي اعتماد ۾ ورتو هو پر هاڻي ان کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت ڏني وئي. هن وزيراعظم محمد نواز شريف جي قومي اسيمبلي کي خطاب به پڙهي ٻڌايو ۽ چيو ته اسان هي چيو هو ته ان آئين جو تحفظ پارليامينٽ ڪندي. اسان تسليم ڪريون ٿا ته پيپلزپارٽي جي دور ۾ پرويز مشرف چار ڀيرا ٻاهر ويو اسان ڪمزور ماڻهو هئاسين، هن چيو ته بيان ڏيڻ ۽ تنقيد ڪرڻ آسان آهي، پرويز مشرف آئين ٽوڙيو، ججن کي گهرن ۾ نظر بند ڪيو، هي اسان ناهي چيو هي حڪومتي بيان آهي، اسان هي چيو هو ته پرويز مشرف سميت سڀني ماڻهن جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، حڪومت پارليامينٽ کي اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ فيصلو ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *