قانون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ وارن ۽ آمريتي دور کي ڀليڪار ڪندڙن جو به احتساب ٿيڻ گهرجي:آصف زرداري

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري چيو ته من پسند احتساب مقدس ڳئون جو نظريو، ٻٽو معيار ۽ سياسي جوڙ توڙ لاءِ ڪرپشن جو نالو استعمال ڪرڻ به بدترين قسم جي ڪرپشن آهي مزاحمت ڪئي ويندي پي سي او تحت حلف کڻي آئين کان فري وڃن ڊڪٽيٽرن پاران ملڪ تي قبضي جي توثيق ڪرڻ ۽ نان اسٽيٽ ايڪٽرز جي ذريعي ملڪي سلامتي کي داءُ تي لڳائڻ جو به احتساب ٿيڻ گهرجي. ذوالفقار علي ڀٽو شهيد جي 88هين سالگرهه جي موقعي تي آصف زرداري پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اهو عزم ورجايو ٿا ته ڪنهن فرد يا اداري کي زبردستي اقتدار تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين ڇو ته هي اقتدار صرف عوام جو حق آهي مذهب جي نالي تي اسان انتهاپسندن کي اقتدار تي قبضو ڪرڻ نه ڏينداسين عدليه کي اهو اختيار آهي ته پارليمينٽ پاران جوڙيل قانونن جي آئين جي پسمنظرن ۾ نظرثاني ڪري سگهي پر عدليه ڪائي قانون سازي نٿي ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جي مجاس آهي پنهنجي پيغام ۾ پاڪستاني عوام خاص ڪري پاڪستاني نوجوانن کي اپيل ڪئي ته هو پاڪستان جي پهرين چونڊيل وزيراعظم ذوالفقار علي ڀٽو جي سياسي فلسفي جو مطالعو ڪري ۽ ان فلسفي جي مدد سان ملڪ کي پيش ايندڙ سماجي اقتصادي ۽ سياسي چئلينجز تي ڪنٽرول ڪرڻ جو رستو ڳولهي شهيد ڀٽو جو نظريو هو ته اقتدار جو سرچشمو عوام آهي اڄوڪي ڏينهن اسان پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيون ٿا ته ڪنهن فرد يا اداري کي زبردستي اقتدار تي قابض ٿيڻ نه ڏينداسين ڇو ته هي اقتدار صرف عوام جو حق آهي اڳوني صدر جي ترجمان سينيٽر فرحت الله بابر اڳُڻي صدر جو حوالو ڏيندي چيو ته آصف علي زرداري پنهنجي پيغام وڌيڪ چيو ته مذهب جي نالي تي اسان انتهاپسندن کي اقتدار تي قابض نه ٿيڻ ڏينداسين شهيد ڀٽو ملڪ کي متفق آئين ڏنو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صرف ۽ صرف پارليمينٽ کي اختيار آهي ته عوام لاءِ آئين ۾ ترميمو ڪري سگهي ۽ قانونسازي به ڪري سگهي عدليه کي اهو به اختيار آهي ته پارليمينٽ پاران جوڙيل قانونن جي آئين جي پسمنظر ۾ نطرثاني ڪري پر عدليه ڪائي قانونسازي نٿو ڪري سگهي ۽ نه ئي ان جي مجاز آهي قانونن تي انتظاميه تي بغير ڪنهن جي دخل اندازي جي عمل ڪرڻ گهرجي اڳوڻي صدر آصف علي زردار يچيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي ان ڳالهه تي يقين رکي ٿي ته ڪرپشن جا اجايو الزام مڙهيا پيا وڃن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *