قانون جي بالادستي لاءِ ضروري آهي ته احتساب جو عمل وڏن کان شروع ڪيو وڃي: سراج الحق

لاهور (بيورو) امير جماعت اسلامي پاڪستان سراج الحق چيو آهي ته پ پ ٻين حڪومتي پارٽين وانگر ڊگهي عرصي تائين اسٽبلشمينٽ جي وڏي خدمت ڪئي آهي اڄ اها ان جي خلاف ڪيئن وڃي سگهي ٿي، عام پاڪستانين وانگر به ليڊر فرسٽيشن جو شڪار آهن، قانون جي بالادستي لاءِ ضروري آهي ته احتساب جو عمل وڏن کان شروع ڪيو وڃي، خاص ماڻهن جي ٽولي مان جڏهن به ڪو قانون جي ڄار ۾ ڦاسي ٿو ته پورو امير طبقو رڙيون ڪري ٿو، سياسي پارٽيون هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ پدرانغربت، مهانگائي ۽ بيروزگار خلاف وڙهن ها ته اڄ عوام غربت هٿان خودڪشيون نه ڪري ها، حڪمران بار بار دعوائن باوجود لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ناهن ڪري سگهيا، پاڪستان کي اسلامي رياست بڻائڻ لاءِ عوام کي هڪ وڏي تحريڪ لاءِ اٿڻو پوندو، اهڙن خيالن جو اظهار هن چوبرجي پارڪ لاهور ۾ منير احمد قريشي پاران پنهنجي اعزاز ۾ ڏنل افطار ڊنر کي خطاب ڪندي ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *