قانونسازي ڪندي ڪلڀوشن کي رعايت ڇو ڏني پئي وڃي؟: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) قومي اسيمبلي ۾ ڀارتي جاسوس ڪلبوشن کي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جو حق ڏيڻ لاءِ صدارتي آرڊيننس پيش ڪرڻ کان اڳ اپوزيشن سخت احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي جڏهن ته خواجه آصف چيو ته ڪنهن جو دٻاءُ آهي جو ڪلبوشن کي سهولت /ڏسو صفحو 3بقايا نمبر 45

ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي شيرين مزاري چيو ته (ن) ليگ جي حڪومت انصاف جي عالمي عدالت ۾ نه وڃي ها ته اڄ اسان مسئلن کي منهن نه ڏيون ها خميس تي قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ان وقت اپوزيشن ميمبر پنهنجي سيٽن تان اٿي بيٺا جڏهن ايوان جي ڪارروائي جي صدارت ڪندڙ پينل آف چيئر جي ميمبر امجد خان نيازي قانون ۽ انصاف بابت وزير انچارج کي آرڊيننس پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي ته ان دوران ئي اپوزيشن جا ميمبر اٿي بيٺا ۽ نعريبازي شروع ڪئي خواجه آصف آرڊيننس تي ڳالهائيندي چيو ته ڪالهه تائين ڀارتي جاسوس ڪلبوشن جي ڪري اسان کي مودي جي يار جا الزام لڳندا هئا ڪلبوشن پاڪستان ۾ دهشتگردي ڪندو رهيو آهي هاڻي ڇو ڪلبوشن کي سهولت ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي وزيراعطم ٻڌائي ته هاڻي پاڪستان جي غيرت جو سودو ڇو پيو ڪيو وڃي هي قانون قبول نه آهي ڪلبوشن پاڪستان جو دشمن آهي عالمي دٻاءُ ۾ اچي هي ڇا ٿي رهيو آهي، قانونسازي ڪري ڪلبوشن کي ڇو رعايت ڏني پئي وڃي اسان جي لاءِ ڪلبوشن کي گار بڻايو ويو هو اڄ ڪير ان جي اڳيان سجدو ڪري رهي آهي هن چيو ته حڪومت ڇو هڪ ڀارتي جاسوس جي سهولتڪار بڻيل آهي هن چيو ته ڪشمير مقتل بڻيل آهي اسان ڪڏهن واپار کولي رهيا آهيون ڪڏهن ڪلبوشن تي آرڊيننس ڪڍون ٿا اڄ ڪير مودي جو يار آهي جو هي قانون سازي قومي ٻڌي ۽ غيرت جي خلاف آهي. وفاقي وزير شيرين مزاري چيو ته خدا جي واسطي منهنجي ڳالهه ته ٻڌو اها ڪهڙي ڳالهه ٿي پنهنجي ڳالهه ڪري اوهان ايوان مان هليا وڃون شيرين مزارين جي تقرير وقت اپوزيشن نعريبازي ڪئي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *