قائم علي شاهه سان سعودي عرب سميت مختلف اسلامي ملڪن جي سفاتڪارن ۽ قونصل جنرلز جي ملاقات

ڪراچي (اي پي پي) وزير اعليٰ سنڌ سيد قائم علي شاهه سان ڪالهه سومر ڏينهن مختلف اسلامي ملڪن جي قونصل جنرلن، نائب قونصل جنرلن، سفارتڪارن، سنڌ ڪابينا جي ميمبرن، صوبائي سيڪريٽرين ۽ ٻين ادارن جي سربراهن

چيف منسٽر هائوس ۾ ملاقات ڪئي ۽ وڏي وزير کي عيد مبارڪ ڏني. وڏي وزير سان ملاقات ڪندڙن ۾ ايران جو قونصل جنرل مهدي سبحاني، انڊو نيشيا جو قونصل جنرل هادي سانتوسو، سعودي عرب جو نائب قونصل جنرل سعيد نصير المالڪي، قطر جو نائب قونصل جنرل مبارڪ المارائي۽ بحرين جو سفارتڪار شمعيل هائن شامل هئا، جڏهن ته صوبائي وزير ناصر شاهه، ڄام خان شورو، گيانچند ايسراڻي، محمد علي ملڪاڻي، خاص معاون راشد رباني، چيف سيڪريٽري سنڌ صديق ميمڻ آءِ جي سنڌ پوليس غلام حيدر جمالي، چيئرمين اينٽي ڪرپشن ممتاز شاهه، سيڪريٽري داخلا مختيار سومرو، سيڪريٽري تعليم فضل الله پيچوهو، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ عملدارنوڏي وزير سان ملاقات ڪئي ۽ عيد جون مبارڪون ڏنيون.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *