قائد عوام شھيد ڀٽو جي 43 ھين ورسي پوري ملڪ ۾ عقيدت ۽ احترام سان ملھائي وئي، شاندار ڀيٽا پيش

ڪراچي /اسلام آباد (اين اين آءِ) پهريون چونديل جمهوري وزيراعظم ۽ باني چيئرمين پيپلزپارتي شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 43هين شهادت جي ڏهاڙِ جي موقعي تي دعا جي تقريب پ پ سينٽرل سيڪريٽريٽ اسلام آباد ۾ ڪوٺائي وئي تقريب ۾ پارٽي اڳواڻن ۽ ورڪرن شرڪت ڪئي تقريب کي خطاب ڪندي سيد سبط الحيدر بخاري چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو شهيد ناموس رسالت جي محافظ طور سامهون آيو قائد عوام سياسي ۽ جمهوري معاشري ۾ چمڪندو رهندو هو ٽين دنيا جو عظيم مدبر ۽ سياسي اڳواڻ هو هن چيو ته سڄي دنيا سياسي جمهوري اڳواڻ ڀٽو شهيد جي ڏاهپ کي داد ڏيندي نظر اچن ٿا هن چيو ته ملڪ ۾ سياسي ۽ آئيني بحران جو حل رڳو آئين پاڪستان جي روح مطابق عمل ڪرڻ ۾ آهي تقريب ۾ پيپلزپارٽِ جو اڳوڻو صوبائي صدر ڪي پي ڪي همايون خان، پي ايل بي پنجاب صدر سيد نظر حسين شاهه، سٽي صدر افتخار شزادا ضلعي صدر شڪيل عباسي، نرگس فيز، ملڪ ڪوثر گيلاني، ابرار رضوي بابر منهاس اجمل اعجاز ملڪ، الائڊ ونگز عهديدار ۽ ٻين ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي تقريب جي آخر ۾ ڀٽو شهيد ۽ بي بي شهيد ۽ سمورن پ پ شهيدن جي ڪارڪن جي ايصال ثواب لاءِ خاص دعا گهري وئي.  پ پ جي باني چيئرمين اڳوڻي وزيراعظم قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جو 43هون شهادت ڏهاڙي ڀلاري مهيني رمصان جي احترام ۾ ڪراچي سميت سڄي سنڌ ۾ سادگي سان ملهايو ويو ۽ ڪراچي جي سمورن ضلعن۾ قرآن خواني دعا ۽ افطاري جون تقريبون منعقد ڪيو ويون پيپلزپارٽي سينترل ضلعي تحت فردوست ڪالوني سائوٿ ضلعي جي اهتمام هيٺ ڪڪري گرائونڊ لياري، ملير، ضلعي ۾ رائل شادي هال ملير ڪورنگي ضلعي ۾ ليڊيز جم زمان ٽائون ڪورنگي، ۽ ويسٽ ضلعي ۾ علي احمد جي آفيس ۾ قران خواني دعا ۽ افطاري جو اهتمام ڪيو ويو پيپلزپارٽي اوڀر ضلعي تحت شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو جي 43هين ورسي جي موقعي تي پيپلزپارٽي سيڪريٽريٽ ۾ قرآن خواني ۽ دعا جو اهتمام ڪيو ويو پ پ سنڌ جو جنرل سيڪريٽري وقار مهدي ڪراچي ڊويزن جو جنرل سيڪريٽري جاويد ناگوري ذوالفقار قائمخاني، لالا عبدالرحمان ۽ وقاص شوڪت سميت ليڊيز ونگ، يوٿ ونگ منارٽي ونگ سميت سٽي ايريا جي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي انموقعي تي وقار مهدي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي سندس سياسي ۽ قومي خدمتن کي ڀيٽا ڏيندي چيوت ه شهيد ڀتو هن ملڪ کي 73 جو آئين ڏنو صوبن ۽ وفاق کي مضبوط ڪيو هن چيو ته تازي صورتحال ۾ اڄ به ڀٽو جا دشمن ان کي پنهنجي مثال ۽ خدمتن طور ياد ڪن ٿا انهي ڪري اسان نعرو هڻون ٿا ته زنده آهي ڀٽو زنده آهي جاويد ناگوري چيو ته ڀٽو جو فلسفو اڄ به قائم ۽ دائم آهي پاڪستان جي سياست ۾ ڀٽو جو ڪردار پڙهڻ بنا ڪوئي سياست نٿو ڪري سگهي شهيد ڀٽو جيڪو ڪم ملڪ ۽ قوم لاءِ ڪيو الله ان جي بدلي ان جو نالو زنده رکيو آهي 43 سال گذرڻ جي باوجود اڄ به سياسي نابالغ ڀٽو کي پنهنجو آئيڊيل سمجهن ٿا ۽ مڃن ٿا.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *