
اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) جي اهتمام هيٺ قائداعظم ڪرڪيٽ ٽرافي جي ٽئين مرحلي جي شروعات (اڄ) سومر کان ملڪ جي مختلف شهرن ۾ گڏ ٿيندي، ڊائمنڊ ڪرڪيٽ گرائونڊ ۾ اسلام آباد ۽ پورٽ قاسم وچ ۾ ميچ ٿيندي، تفصيل موجب قائداعظم ٽرافي ۾ شريڪ ٽيمن وچ ۾ دلچسپ ۽ شاندار مقابلن جو سلسلو جاري آهي، ٻن مرحلن جي ختم ٿيڻ کان پوءِ ايس ايس جي سي ۽ اين بي پي جون ٽيمون پنهنجي پنهنجي گروپن ۾ پوائنٽ ٽيبل تي پهرين نمبر تي آهن، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ (اڄ) سومر تي شروع ٿيندڙ ميچن ۾ فاٽا جو مقابلو خان ريسرچ ليبارٽريز (ڪي آر ايل)، حيدرآباد جو مقابلو سوئي گيس، اسلام آباد جو مقابلو پورٽ قاسم ڪراچي، وائٽس جو مقابلو نيشنل بينڪ ۽ لاهور بليوز جو مقابلو يونائيٽيڊ بينڪ سان ٿيندو.