قائد اعظم مديني جهڙي اسلامي رياست جو چيو پر نواز شريف چوي ٿو ته پاڪستان کي لبرل بڻائينداسين: سراج الحق

لاهور:جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته قائد اعظم پاڪستان کي مديني شريف جهڙي اسلامي رياست بڻائڻ جو چيو هو پر وزيراعظم نواز شريف چوي ٿو ته پاڪستان کي لبرل بڻائينداسين. لاهور ۾ علاما اقبال جي جنم ڏينهن جي حوالي سان ايوان اقبال ۾ رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي سراج الحق چيو ته  ترڪي سيڪيولرازم کان اسلامي ترڪي طرف سفر شروع ڪري ڇڏيو آهي، اسان پاڪستان کي علاما اقبال ۽ قائد اعظم وارو پاڪسان بڻائينداسين. سندس چوڻ هو ته علاما اقبال هڪ فلسفي، نظريي ۽ انسانيت جو نالو آهي، سراج الحق جو چوڻ هو ته جماعت اسلامي ملڪ ۾ اسلامي نظام لاڳو ڪرڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *