قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ڏسيل گسن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي قوم جي خوشحالي آهي: وڏو وزير

ڪراچي (اسٽاف رپوٽر): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته قائداعظم محمد علي جناح رحه جي ڏسيل گسن تي عمل ڪرڻ ۾ ئي قوم جي خوشحالي آهي، باني پاڪستان جي نظريي مطابق هن ملڪ کي هلائڻو آهي. هن اها ڳالهه اڄ گورنر سنڌ محمد زبير ۽ ڪابينا ميمبرن سان گڏ قائداعظم محمد علي جناح جي 142هين جنم ڏهاڙي جي موقعي تي مزار قائد تي گلن جي چادر چاڙهي ۽ فاتحه خواني کانپوءِ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي ڪئي. هن چيو ته مون لاءِ اها اعزاز جوڳي ڳالهه آهي ته اڄ قائداعظم محمد علي جناح جي جنم ڏهاڙي جي موقعي تي سندس مزار تي حاضري ڀريندي خراج عقيدت پيش ڪري رهيو آهيان. وڏي وزير قائداعظم محمد علي جناح کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو آهي قائداعظم ڏکڻ ايشيا جو عظيم اڳواڻ هو، اسان پاڪستان جي باني قائداعظم مُحمد علي جناح، شھيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ محترمه شھيد بينظير ڀٽو جي فڪر تي هلندي ملڪ ۽ قوم جي مفادن موجب ڪم ڪري رھيا آھيون ۽ ڪندا رھنداسين، اسان ان لاءِ ماضي جي قرباني ڏيڻ کان پري نه ھٽنداسين ۽ پنھنجن اڳواڻن اڳوڻي پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري ۽ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي نقشِ قدم تي ھلندي عوام جي چڱائي ۽ ڀلائي وارن رٿائن تي عمل ڪندا رھنداسين. وڏي وزير ڪرسمس تهوار جي موقعي تي ملڪ سميت سموري سنڌ جي عيسائي برادري کي مبارڪباد پڻ ڏني. ان موقعي تي انسپيڪٽر جنرل پوليس سنڌ اي ڊي خواجا، ايڊيشنل آءِ جي مشتاق مهر، ڪمشنر ڪراچي اعجاز احمد خان ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *