فٽيف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته ٽيڪنيڪيل فورم آهي يا سياسي فورم؟ پاڪستان

ملتان (اين اين آءِ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ايف اي ٽي ايف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهو ٽيڪنيڪل فورم آهي يا سياسي فورم، جيڪڏهن فٽيف ٽيڪنيڪل فورم آهي ته اسان کي وائيٽ لسٽ ۾ هجڻ گهرجي ها. ملتان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته فٽيف جي 27 مان 26 نڪتن تي عمل ڪري چڪا آهيون، پاڪستان مني لانڊرنگ ۽ فنانسنگ خلاف جيڪي قدم کنيا آهن، ان کانپوءِ ڪو جواز ناهي ته پاڪستان کي گري لسٽ ۾ رکيو وڃي. هن چيو فٽيف کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهو ٽيڪنيڪل فورم آهي يا سياسي فورم آهي؟ جيڪڏهن فٽيف ٽيڪنيڪل فورم آهي ته اسان کي وائيٽ لسٽ ۾ هجڻ گهرجي، ڀارت ان فورم کي سياسي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ۽ ڪجهه قوتون سمجهن ٿيون ته پاڪستان تي مسلسل تلوار ٽنگيل هجڻ سان انهن جا مقصد حاصل ٿيندا، اسان ڪنهن جي چوڻ تي نه پر پنهنجي قومي ضرورت تحت اڳتي وڌي رهيا آهيون ۽ پاڪستان جلد ئي گري لسٽ مان نڪري ويندو. سندس چوڻ هو ته ڀارت ۾ يورينيم پڪڙجڻ جو معاملو مختلف فورمز تي اٿاريو آهي، جيڪڏهن اهو پاڪستان جو معاملو هجي ها ته ڀارت آسمان مٿي تي کڻي ڇڏي ها، افغانستان ۾ گهرو ويڙهه ٿي ته پاڪستان متاثر ٿي سگهي ٿو، پاڪستان ۾ پناهگيرن جو بار کڻڻ جي وڌيڪ سگهه ناهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *