فيملي سبب بلال شاھھ جو رشتو قبول ڪيو ، مڙس ھروڀرو ناھي ڳالھائندو: حريم شاھھ

ڪراچي (شوبز نيوز)مشهور ٽڪ ٽاڪر حريم شاهه پهريون ڀيرو پنهنجي مڙس بلال شاهه سان گڏ انٽرويو ڏنو آهي، جنهن ۾ هن مختلف معاملن تي ڳالهايو.نجي ويب سائيٽ کي ڏنل انٽرويو ۾ حريم شاهه جي مڙس بلال شاهه ٻڌايو ته شادي نه رڳو پسند جي هئي پر ان ۾ والدين جي رضامندي به شامل هئي.حريم شاهه چيو ته شادي کان اڳ اسان ۾ ڪا ملاقات نه ٿي هئي ۽ نه اسان جو رابطو هو، هڪٻئي سان ملاقات جي ڪجهه عرصي کانپوءِ ئي اسان کي احساس ٿيو ته هاڻ شادي ڪري ڇڏڻ گهرجي.هن ٻڌايو ته منهنجي فيملي ان رشتي سان ڏاڍي خوش هئي، مان فيملي سبب رشتو قبول ڪيو ۽ هاڻ پيار به ٿي ويو آهي.حريم شاهه پنهنجي مڙس جون خوبيون ٻڌائيندي چيو ته هو ڏاڍو شريف، معصوم ۽ سنجيده مزاج جو انسان آهي، پنهنجي ڪم سان ڪم رکندو آهي ۽ هروڀرو ناهي ڳالهائيندو.بلال شاهه چيو ته حريم شاهه کي منهنجي طرفان هر شئي جي اجازت آهي، کيس ڪجهه ٻڌائڻ جي ضرورت ناهي ته هاڻ شادي ٿي وئي آهي ۽ توهان کي عزت ڪرڻي آهي، هوءَ پاڻ اسان جي عزت جو خيال رکندي آهي.سندس موجب حريم ڪڏهن به اهڙو ڪم نه ڪيو، جنهن سان منهنجي بي عزتي ٿئي يا ڪنڌ جهڪائڻو پئي، شادي کان وٺي اڄ تائين هن منهنجو ڪنڌ جهڪڻ ناهي ڏنو.سنڌ اسيمبلي ميمبر سان شادي جي دعويٰ بابت پڇيل سوال جي جواب ۾ حريم شاهه چيو ته بلال جو سياست سان گهرو واسطو آهي، ان وقت ماڻهن کي تنگ ڪرڻ ۽ تفريح لاءِ چيو هو ته مڙس وزير آهي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *