فيملي سان گهڻو گڏ هوندي آهيان فلم انڊسٽري ۾ واپسي جو ارادو ناهي:ڪرشما ڪپور

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي اداڪارا ڪرشما ڪپور جو چوڻ آهي ته ڪٽنب سان گهڻي رڌل هوندي آهيان، ان ڪري اڃان فلم انڊسٽري ۾ واپسي جو ڪو به ارادو ناهي.ڀارتي ميڊيا مطابق ڪرشما ڪپور “شگر” جي ڄاڻ جي حواليسان هڪ تقريب ۾ شامل ٿي،ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته اڄ ڪلهه جي مصروف دور ۾ اسان کي پنهنجي صحت جو خاص خيال رکڻ گهرجي، مان تمام گهڻي سخت ڊائيٽ پلان سان پنهنجي زندگي گهاريندي آهيان، مان کاڌي جي گهڻي شوقين آهيان پر  جتي صحت جي ڳالهه ايندي اتي مان ڪو ه سمجهوتو ناهيان ڪندي، ڇو ته انسان جڏهن تندرست رهندو ته يقيني طور تي هو سٺي ۽ بهتر زندگي گهاري سگهي ٿو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *