فيل وزيراعظم جي گهر نه وڃڻ تائين معيشت سميت سڀ فيل ٿيندا: ن ليگ

اسلام آباد (اين اين آءِ) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب وزيراعظم عمران خان جي وزيرن کي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ تي ردعمل ڏيندي چيو ته فيل وزارتون نه آهن فيل عمران صاحب جي وڏ وزارت آهي عمرن خان کي ڪارڪردگي جو نه اٽو، کنڊ بجلي گئس، دوا چوري جو ايوارڊ ڏيڻ گهرجي جيستائين فيل وزيراعظم گهر نه ويندو معيشت، دفاع پرڏيهي، پيٽروليم توانائي اطلاعات سڀ فيل ٿيندا پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته وزارتن جي ڪارڪردگي جي رپورٽ نه پنهنجي فيلڊ ڪارڪردگي پيش ڪئي آهي هن چيو ته فيل وزارتون نه آهن فيل عمران صاحب جي وڏ وزارت آهي جيڪو جيڪو وزير فيل ٿيو اهي اهو ڏک نه ڪري وڌيڪ چوري، ڦرلٽ ۽ ڪوڙ تي ڌيان ڏي هن چيو ته جن جن وزارتن مان عوام کي رليف ملڻو هو سڀ فيل ۽ ڪارڪردگي جي ايوارڊ عوام سان مذاق آهي. هن چيو ته پرڏيهي وزارت معيشت، دفاع، ناڻي تي عمران صاحب اڄ پاڻ عدم اعتماد ڪري ڇڏيو آهي، نالائق نااهل فيلڊ وزيراعظم ڪارڪردگي جا ايوارڊ ڏئي رهيو آهي شرم اچڻ گهرجي. معيشت دفاع پرڏيهي پيٽروليم توانائي صحت ۽ اطلاعات جو پروپيگنڊا فيل اصل ۾ عمران خان فيل جنهن وزيراعظم جي معيشت، پرڏيهي ۽ دفاع فيل اهو وزيراعظم ڪارڪردگي جا ايوارڊ ورهائي رهيو آهي ان جي ڪارڪردگي رڳو ڪوڙ ڳالهائڻ قوم کي دوکو ڏيڻ ۽ لٽڻ آهي هاڻي ڪارڪردگي سرٽيفڪيٽ ڏيڻ جو نه پر گهر وڃڻ جو وقت آهي عمران صاحب.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *