فيفا صدرکي ڪرپشن الزامن ۽ عملدارن جي گرفتارين کانپوءِ به عورتاڻي عالمي ڪپ جو فائنل ڏسڻ جوشوق

لنڊن(اسپورٽس نيوز)فيفا جي صدر سيپ بليٽر فيفا جي عملدارن تي بدعنواني جي الزامن ۽ گرفتارين کانپوءِ به عورتن جي عالمي ڪپ جو فائينل ڏسڻ لاءِ ڪئينڊا وڃڻ جو ارادو ظاهر ڪيوآهي. گذريل هفتي سوئٽزرلينڊ پوليس آمريڪي جاچ اداري ايف بي آئي جي چوڻ تي فيفا جي 7 عملدارن کي گرفاتر ڪيو هو،سيپ بليٽر اهڙي صورتحال کانپوءِ به ڪئينڊا وڃڻ چاهي ٿو جڏهن ته فيفا جي جنرل سيڪريٽري زيروم والڪ عورتن جي عالمي ڪپ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. پنهنجي هڪ بيان ۾ زيروم والڪ چيو ته زيورخ ۾ فيفا هيڊ ڪوارٽر جي  معاملن تي ڌيان ڏيڻ سبب هو آمريڪا نه پيو وڃي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *