فيفا انڊر 20 ورلڊ ڪپ جي ڪوارٽر فائنلز 14 جون تي کيڏيا ويندا

ويلنگٽن(اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ ۾ جاري فيفا انڊر 20 ورلڊ ڪپ جا ڪوارٽر فائنلز (سڀاڻي) آچر ڏينهن کيڏيا ويندا. ميگا ايونٽ جي ڪوارٽر فائنل لائن اپ مڪمل ٿي پئي آهي. برازيل، مالي، ازبڪستان، پرتگال، جرمني، سربيا ۽ سينيگال فائنل ايٽ ۾ شامل ٿي ويا آهن. ميگا ايوٽ جي ڪوارٽر فائنل 14 جون تي کيڏيو ويندو. پهرين ميچ ۾ برازيل جي ٽيم پرتگال سان مقابلو ڪندي، اها ميچ ويڪاٽو اسٽيڊيم هيملٽن ۾ کيڏي ويندي. ٻي ڪوارٽر فائنل ۾ جرمني ۽ مالي جون ٽيمون ڪرائسٽ چرچ اسٽيڊيم ۾ آمهون سامهون ٿينديون. ٽيون ڪوارٽر فائنل سربيا ۽ آمريڪا وچ ۾ نارٿ هاربر اسٽيڊيم آڪلينڊ ۾ کيڏيو ويندو، جڏهن ته چوٿون ۽ آخري ڪوارٽر فائنل ازبڪستان ۽ سينيگال جون ٽيمون ويلنگٽن ريجنل اسٽيڊيم ۾ مقابلو ڪنديون. سيمي فائنل مقابلا 17 جون جڏهن ته فائنل 20 جون تي کيڏيو ويندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *