فيصل آباد جيل ۾ 2 دهشتگردن کي 14 جنوري تي ڦاهي ڏني ويندي

فيصل آباد(م.د) ننڪانه صاحب حملي ۾ ملوث 2 دهشتگردن کي 14 جنوري تي فيصل آباد سينٽرل جيل ۾ موت جي سزا ڏني ويندي لاهور جي دهشتگردي جي خاص عدالت جي جج ٻنهي دهشتگردن کي موت جي سزا جي تاريخ مقرر ڪئي، ٻنهي دهشتگردن جي موت واري سزا تي عملدرآمد لاءِ جيل سرپنٽنڊنٽ دهشتگردي جي خاص عدالت جي ايڊمنسٽريٽر جج کي درخواست موڪلي هئي جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته ٻنهي دهشتگردن جا ٽرائل مڪمل آهن ۽ اپيلون رد ٿي چڪيون آهن جن کي ڦاهي تي لڙڪائڻ جو حڪم جاري ڪيو وڃي جنهن تي عدالت سموريون قانوني ڪارروايون مڪمل ٿيڻ تي 14 جنوري تي کين ڦاهي ڏيڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن ياد رهي ته ٻئي دهشتگرد ننڪانه صاحب ۾ سک برادري جي گردواري تي حملي ۾ ملوث هئا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *