”فور بز“ ميگزين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پيسو ڪمائيندڙ 100 شخصيتن جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

نيويارڪ (شوبز نيوز) ”فور بز“ ميگزين دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پيسو ڪمائيندڙ 100 شخصيتن جي فهرست جاري ڪئي وئي آهي. بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار، سلمان خان ۽ اميتاڀ بچن جڏهن ته ايم ايس ڌوني به دنيا جي سڀ کان وڌيڪ پيسا ڪمائيندڙن 100 شخصيتن جي فهرست ۾ شامل آهي. آمريڪي باڪسر فلائيڊ مي ويڌر ٽِي سو ملين ڊالرن جي ڪمائيءَ سان ٽاپ پوزيشن تي آهي، ان فهرست ۾ بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن ۽ سلمان خان ۾ 71 هين پوزيشن لاءِ مقابلو آهي، ٻئي ساڍا 33 ملين ڊالر ڪمائيندا آهن. اڪشي ڪمار ساڍا 32 ملين ڊالرن سان فهرست ۾ 76 هين پوزيشن تي آهي، جڏهن ته ڀارتي رانديگر مهيندرا سنگھه ڌوني 31 ملين ڊالر ڪمائي سان 82 هين نمبر تي آهي. بالي ووڊ اداڪارن هالي ووڊ جي ٽاپ اداڪارن ليونارڊيو ڊي ڪيپريو ۽ چيننگ ٽيٽم کي پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جن جي ڪمائي 29 ملين ڊالر آهي، بالي ووڊ جو ڪنگ شاهه رخ خان جو نالو ان فهرست ۾ نه هجڻ حيرت انگيز ڳالهه آهي. بالي ووڊ اداڪار اميتاڀ بچن جنهن 150 کان وڌيڪ فلمن ۾ ڪم ڪيو آهي تازو ئي فلم ”پيڪو“ ۾ اداڪاري جا اهڙا جوهر ڏيکاري ڪاميابيءَ جا نوان رڪارڊ جوڙيا اٿائين جو ماڻهون دنگ آهن. سلمان خان به بالي ووڊ جي ميگا اسٽارن ۾ ڳڻيو ويندو آهي، جيڪو هيل تائين 80 کان وڌيڪ فملمن ۾ اداڪاري ڪري چڪو آهي. پر ان فهرست ۾ اڪشي ڪمار جو نالو شامل هجڻ حيرانيءَ جي ڳالهه آهي، جيڪو سڄي سال ۾ رڳو 4 فلمون ڪندو آهي، ”فور بز“ موجب هي نتيجا موجوده انٽرٽينمينٽ جي ميدان ۾ بلڪل ٺيڪ آهن، جتي بالي ووڊ جا وڏا اداڪار (سلمان خان ۽ اميتاڀ بچن ساڍا 33 ملين ڊالر ڪمائيءَ سان) هالي ووڊ جي اي لسٽ اداڪارن ليونارڊو ڊي ڪيپريو ۽ چيننگ ٽيٽم کي به پوئتي ڇڏي ڏنو آهي، جن جي ڪمائي 29 ملين ڊالر آهي. ٽاپ ٽين فهرست ۾ 2 عورت ڳائڻيون به شامل آهن، جن ۾ ڪيٽي پيري ۽ ٻي ٽيلر سوئفٽ 9 نمبر تي موجود آهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *