فورس جوڙڻ لاءَ فوري قدم کڻڻ جي هدايت، ڀرتي قانون موجب ڪئي وڃي: وڏو وزير

ڪراچي (اين اين آءِ) سنڌ جي وڏو وزير سيد قائم علي شاهه پاڪ چين اقتصادي راهداري رٿا ۽ چيني انجنيئرز جي حفاظت لاءِ صوبي ۾ خصوصي فورس قائم ڪرڻ جي منظوري ڏيئي ڇڏي آهي هن فورس ۾ 2000 رٽائرڊ فوجي اهلڪارن کي ڀرتي ڪيو ويندو وڏي وزير آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي ته ان فورس جوڙڻ لاءِ فوري قدم کنيا وڃن ۽ اهلڪارن جي ڀرتي قانون مطابق جلد کان جلد مڪمل ڪئي وڃي ذريعن موجب هن فورس قائم ڪرڻ جي منظوري لاءِ سنڌ جي گهرو کاتي سنڌ جي وڏي وزير کي اماڻي هئي جيڪا سنڌ جي وڏي وزير منظور ڪئي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *