فوج ۾ ڪرپشن جي صفائي ٿي رهي آهي، سزائون به ڏنيون پيون وڃن: ترجمان

راولپنڊي (اين اين آءِ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل آصف باجوا چيو آهي ته فوج ۾ ڪرپشن جي صفائي ٿي رهي آهي ۽ سزائون ڏنيون پيون وڃن. هن چيو ته 11 فوجي عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن جن ۾ 260 ڪيسز سماعت هيٺ آهن هن چيو ته 88 دهشتگردن کي سزا ڏني ويئي آهي جنوري 2017 تائين سمورا ڪيس مڪمل ڪيا ويندا. نجي ٽي وي موجب پاڪ فوج جي ترجمان ليفٽيننٽ جنرل عاصم باجوا موجب فوج ۾ احتساب جو باقاعده نظام موجود اهي جنهن کي وڌيڪ مستحڪم ڪيو پيو وڃي جڏهن ته ڪرپشن خلاف فوج ۾ به صفائي ٿي رهي آهي ۽ سزائون به ڏنيون پيون وڃن 6 آفيسرن کي هڪ ئي ڪيس ۾ سزا ڏني ويئي ۽ احتساب جي ان عمل کي پاڪ فوج ۾ به ساراهيو ويو آهي. هن واضح ڪيو ته اڳوڻي ڪورڪمانڊر لاهور ليفٽيننٽ جنرل نويد زمان ۽ اڳوڻي ڪور ڪمانڊر ڪراچي سجاد غني خلاف ڪابه جاچ نه ٿي رهي آهي عاصم باجوا چيو ته هن وقت 11 فوجي عدالتون ڪم ڪري رهيون آهن جنهن ۾ 207 ڪيس ٻڌڻي هيٺ آهن هن مهل تائين 88 دهشتگردن کي سزا ڏني ويئي آهي جڏهن ته جنوري 2017 تائين تمام ڪيس مڪمل ڪيا ويندا. هن چيو ته ملڪ ۾ نوگوايراز جي نشاندهي ڪئي ويئي آهي ڪومبنگ آپريشن سڄي ملڪ ۾ ڪيو ويندو جيڪو ضرب عضب جو حصو آهي ۽ ضرب عضب جو مثال سڀني جي سامهون آهي. هن چيو ته انٽيليجنس جي بنياد تي 18 هزار آپريشن ڪيا ويا شهري الرٽ رهن ۽ شڪي ماڻهن تي نظر رکن ڇوٽو گينگ سان متعلق آءِ ايس پي آر موجب گينگ کان جاچ جاري آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *