فوج کي ڪو به حق ناهي ته آئيني سول حڪومت تي تنقيد ڪري: اعتزاز احسن

اسلام آباد(بيورو) پاڪ فوج پاران سول معاملن بابت بيان تي سينيٽ ۾ سخت ردِ عمل، پيپلز پارٽي سينيٽرز فوج کي سخت تنقيد جو نشانو بڻايو. فرحت الله بابر جو چوڻ آهي ته ناڪارا گورننس سول ادارن، عدالت ۽ فوجي ادارن ۾ به آهي. اعتزاز احسن جو چوڻ هو ته فوج کي ڪو به حق ناهي ته آئيني سول حڪومت تي تنقيد ڪري. چئيرمين رضارباني جي صدارت هيٺ سينيٽاجلاس ۾ آئي ايس پي آر پاران جاري بيان تي سخت تنقيد ڪئي وئي. ناڪارا گورننس جي خاتمي لاءِ هڪ طريقيڪار موجود آهي، ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ جيڪو طريقيڪار اختيار ڪيو ويو اهو بلڪل غلط آهي، اهڙو بيان حڪومتي نااهلي ظاهر ڪري ٿو.اهو سوال فوج کان به پڇي سگهجي ٿو پر ڪڏهن به کلي عام ائين ناهي ٿيو. حڪومت کي ان جو جواب ڏيڻ گهرجي ها پر مون کي حڪومتي ترجمان بڻجڻو پوي پيو، تمام گهڻي اهم بحث هلي رهي آهي پر حڪومتي ميمبر هتي موجود ناهن، جنهن تي سينيٽر رضا رباني چيو ته انهي جي ڪري حڪومت کي ناڪارا گورننس جو طعنو ڏنو وڃي ٿو. حڪومت وٽ ڪو به گهرو وزير ناهي، نه ئي ڪو مستقل بچاءَ وارو وزير آهي، آئي ايس پي آر جو بيان گهڻو گهرو آهي، ان کي ڏسڻو پوندو.مخالف ڌر جي اڳواڻ اعتزاز احسن چيو ته حڪومتي ميمبر ٽي وي تي اچي اسان جي ڪردار ڪُشي ڪن ٿا، فوج کي ڪو به حق ناهي ته آئيني سول حڪومتي تي تنقيد ڪري. پختون ملي عوام پارٽي جي سينيٽر عثمان ڪاڪڙ چيو ته فوج گهرو ۽ ٻاهرين پاليسين ۾ لاڳيتو مداخلت ڪري رهي آهي. پاليسيون ترتيب ڏيڻ فوج جو نه پر چونڊيل عوامي نمائندن جو حق آهي، مسلم ليگ نه جي سينيٽر نيهال هاشمي چيو ته ڪجهه ادارا پنهنجي حدن کان ٻاهر هوندا آهن، پارليامينٽ هميشا کان ئي اهم رهي آهي. چئيرمين رضا رباني چيو ته حڪومت کي رڳو صلاح ڏئي سگهان ٿو ته سڀئي ادارا پنهنجن حدن ۾ رهن ۽ حڪومت پارليامينٽ جو ڪئيمرا اڳيان گڏيل اجلاس گهرائي، ممڪن ناهي ته سينيٽ ۾ معاملو آندو وڃي، مسئلن جو حل پارليامينٽ ۾ آهي. سينيٽر محسن لغاري چيو ته زلزلا هجن يا ٻوڏ، فوج کي گهرايو ويندو آهي، سول ادارا پنهنجا ڪم نٿا ڪن، اليڪشن جهڙي جمهوري عمل لاءِ فوج کي گهرايو وڃي ٿو، پر معاملي ۾ فوج کي گهليو ويندو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته ناڪارا گورننس جو معاملو آئي ايس پي آر جي پريس رليز ۾ نه اچڻ گهرجي ها، مسلم ليگ ن جي سينيٽر پروفيسر ساجد مير چيو ته فوج کي سول حڪومت جو سپر وائيزر نه ٺاهڻ گهرجي ها.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *