فوج کي جج بڻائي انهن تي وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي: سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (بيورو) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسيٰ فوجي عدالتن جي جڙڻ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي ۾ ريمارڪس ڏنا آهن ته  قلم 245 جي هيٺ فوج جو ڪم وڙهڻ آهي، فوج تي جج بڻجڻ جي ذميواري ڇو پئي وڌي وڃي. چيف جسٽس ناصر الملڪ جي اڳواڻي ۾ سپريم ڪورٽ جي پوري ڪورٽ 18 ۽ 21  آئيني ترميم خلاف  درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ريمارڪس ڏنا ته  فوج کي جج بڻائي انهن تي وڌيڪ بار وڌو پيو وڃي، آرمي چيف عدالتن ۾ فيصلا ڪندو يا پيشيواراڻا معاملا ڏسندو. فوج جو ڪم دهشتگردن سان وڙهڻ آهي،پر انهن کي جج بڻايو ويو، جيڪڏهن هو ميجر هجن ها ۽ جج واري ذميوراي ڏني وڃي ها، تڏهن به قلم 245 هيٺ هو ذميواري نڀائين ها. جسٽس جواد خواجا پنهنجا ريمارڪس ڏيندي چيو ته  عدالت وٽ پاڻ گڏ ٿيڻ  لاءِ سوموٽو جي سگهه آهي، آئيني ترميم جي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي سومر تائين روڪي وئي، ايندڙ ٻڌڻي تي درخواست داخل ڪندڙ اي ڪي ڊوگر 18 ترميم تي دليلون ڏيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *