فوج نيوٽرل آهي ته هاڻ به نيوٽرل رهي، عمران خان جو 25 مئي تي مارچ جو اعلان

پشاور (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان 25 مئي تي اسلام آباد طرف مارچ جو اعلان ڪري ڇڏيو،  تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان چيو آهي ته فوج چيو هو اهي نيوٽرل آهن، جيڪڏهن  نيوٽرل آهن ته هاڻ به نيوٽرل رهن. عمران خان چيو ته پوليس، بيورو ڪريسي، فوج اهي سڀ اسان جا پنهنجا ادارا آهن، هيءَ انهن خلاف ڪا ڪارروائي ناهي، هيءَ عوام خلاف ناهي، اسان ڪا ڀڃ ڊاهه نه ڪنداسين، جيڪڏهن اسان جي پرامن احتجاج خلاف ڪا غلط ڪارروائي ٿي ته اها غير قانوني هوندي ۽ اسان توهان خلاف ايڪشن کڻنداسين.هن چيو ته مان پنهنجي فوج کي چوان ٿو ته توهان نيوٽرل آهيو، توهان به چيو هو ته توهان نيوٽرل آهيو، مان وري به چوان ٿو ته هي ملڪ جي سلامتي ۽ آزادي لاءِ آهي، مان سڀني سول ملازمن، فوجين جي خاندانن ۽ رٽائرڊ فوجين سميت سڀني کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي اسلام آباد اچن. سندس چوڻ هو ته اسان جي مارچ ۾ مختلف رنڊڪون وجهي ڏکيائيون پيدا ڪري سگهجن ٿيون، تنهن ڪري توهان ڀرپور نموني تيار ٿي اسلام آباد لاءِ نڪرو. هن چيو ته مان سموري قوم کي دعوت ڏيان ٿو ته هو پنهنجي آزادي ۽ مستقبل جي لاءِ اڳيان اچي. اهڙن خيالن جو اظهار تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان ڪور ڪميٽي اجلاس کان پوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪيو. هوڏانهن پشاور جي وزيراعليٰ هائوس ۾ ڪور ڪميٽي جو اجلاس ٿيو اجلاس ۾ وڏي وزير محمود خان، وفاقي وزير پرويز خٽڪ، علي امين گنڊاپور، اڳوڻو گورنر شاهه فرمان، عمران اسماعيل عاطف خان، اسد عمر ۽ ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي.  اجلاس ۾ اسلام آباد آزادي مارچ جي تاريخ ۽ هنڌ جو تعين ڪيو ويو ته مارچ جي شروعات ڪهڙن شهرن کان ڪئي وڃي. اجلاس کان پوءِ اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي عمران خان چيو ته آمريڪا اسان جي حڪومت ڪرائڻ جي سازش ڪئي. اها سازش منهنجي خلاف نه پر سموري پاڪستان جي خلاف ڪئي وئي آهي. اسان پوري ڪوشش ڪئي ته اها سازش ڪامياب نه ٿئي پر بدقسمتي سان اسان هن سازش کي نه روڪي سگهياسين. هن چيو ته 2018 ۾ اسان کي ملڪ ڏيوالپڻي جي حالت ۾ مليو. چئن سالن دوران اسان ملڪ کي ترقي جي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪوششون ڪيون. اسان جي حڪومت ان وقت ڪيرائي وئي جڏهن ملڪ ترقي جي رستي تي هلڻ شروع ڪري چڪو هو. 8 مهينا اڳ حڪومت جي تبديلي لاءِ آمريڪا ڪرپٽ ماڻهن کي پاڻ سان ملايو.  نئين حڪومت جي ماڻهن جو تجربو صرف ڪرپشن ڪرڻ ۽ انتقام وٺڻ ۾ آهي. هنن وٽ نه منصوبو آهي ۽ نه ئي فيصلو ڪرڻ جي طاقت. تحريڪ انصاف جي چيئرمين چيو ته پرڏيهي وزير ۽ عسڪري قيادت جي مشوري سان روس جو دورو ڪرڻ ويو هئس اسان روس سان 30 سيڪڙو سستي پيٽرول جي لاءِ ڳالهيون ڪيون. جڏهن ته هن حڪومت کي اها طاقت ئي ناهي ته اها سستو تيل يا ڪڻڪ حاصل ڪري سگهي. موجوده حڪومت سلامتي ڪميٽي کي چئي رهي آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪنداسين هي سمورو بار فوج تي وجهڻ چاهين ٿا.  هن چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته اسلام آباد طرف لانگ مارچ ڪنداسين. مان سموري قوم، استادن، نوجوانن، مزدورن، هارين، شاگردن ۽ وڪيلن کي دعوت ڏيان ٿو ته ظلم ۽ غلامي خلاف اڳيان اچو ۽ مارچ ۾ شامل ٿيو. ان کان وڌيڪ خودداري جو جنازو ڪهڙو نڪرندو ته ٻاهر کان حڪومت ڪيرائي وڃي.

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *