فوج نيشنل سيڪيورٽي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي: آرمي چيف

راولپنڊي (اين اين آءِ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته فوج قومي سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي وطن جي مقابلي ۾ ڪا ٻي شئي وڌيڪ نه آهي ڪنهن به ماڻهو يا اداري کان وڌيڪ ملڪ اهم آهي آءِ ايس پي آر مطابق آرمي چيف خميس تي بلوچ ريجمينٽ سينٽر ايبٽ آباد جو دورو ڪيو آرمي چيف پنهنجي آمد کان پوءِ ملڪ جي بچاءُ لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ بلوچ ريجمينٽ جي شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪرڻ لاءِ شهيدن جي يادگار تي گلن جي چادر چاڙهي آرمي چيف بلوچن جي گهر اچڻ تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته ان لاءِ اها اعزاز جهڙي ڳالهه آهي هن چيو ته ان جي بلوچ ريجمينٽ سان خاص وابستگي آهي ان جو والد ۽ هو خود بلوچ ريجمينٽ جا آفيسر رهيا آهن آرمي چيف ايف سي ڪي پي ڪي سميت سينٽر ۾ تربيت حاصل ڪندڙ ريڪروٽس ۽ آفيسرن سان به ڳالهيون ڪيون آرمي چيف چيو ته فوج قومي سلامتي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي رهندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *