فوج سياسي طور بالغ ٿي آهي، مظاهرن ۽ ڌرڻن سان ڪجھه نه ٿيندو: خواجا آصف

اسلام آباد (بيورو) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف چيو آهي ته رياست جي رٽ ڪو چئلينج ڪري ته رياست ڪارروائي ڪندي، ڏنڊا لڳڻ سياسي جدوجهد جو حصو هوندو آهي، جيڪڏهن هِنن کي ڏنڊا ناهن کائڻا ته ڪو ٻيو ڪم ڪن، ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجا آصف جو چوڻ هو ته پي ٽي آءِ جو خزاني واري وزارت، منصوبا بندي، گھرو وزارت جي آفيسن تي قبضو ڪرڻ جو منصوبو بڻايو ويو هو، پي ٽي آءِ جي پلاننگ هئي ته ڪيو آر بلاڪ تي قبضو ڪيو وڃي، هن چيو ته پهرئين ئي رائونڊ ۾ کٽڻ هارائڻ جو فيصلو ناهيان ڪندو، گذريل رات هي مسئلو شروع ٿيو، ان تي اڳ ڪٿيون نه ڪندس، پهرئين رائونڊ ۾ پي ٽي آءِ جي دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي، مون کي خبر ناهي ته سندن پارٽيءَ کي ڪير سپورٽ ڪري رهيو آهي، جن کي اتحادي ٺاهيو انهن کي گار ڏئي ڀڄايو ويو، خواجا آصف چيو ته ماضيءَ جي ڌرڻي تي صبر ۽ نرميءَ جي مظاهري جو ڪو فائدو نه ٿيو، اسان جي فوج پنهنجي سوچ جي اعتبار کان بالغ ٿي چڪي آهي، فوج گذريل 3 سالن جي نيڪ نامي، عزت ۽ نفس کي زيان نه ڪندي، نيڪ نالو، عزت، تقدس جنرل راحيل جو ميراث آهي، اهو ئي ميراث ڇڏي هو وڃڻ نه چاهيندو، جنرل راحيل شريف دهشتگرديءَ خلاف فيصلائتي جنگ جي شروعات ڪئي، دهشتگرديءَ خلاف جنگ اڄ به جاري آهي، جمهوريت ۾ سيفٽي والوز دستياب هوندا آهن، پاناما ليڪس جو معاملو آخرڪار عدالت ۾ آيو، موجودا صورتحال ۾ فوج اچڻ بابت سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، اسلام آباد ۾ فوج مقرر نه پيا ڪيون، پوليس ان معاملي کي صحيح نموني مُنهن ڏئي رهي آهي. خدا نه ڪري ڏڦير يا ڀڃڊاهه ٿي ته حڪومتي گورننس ڪمزور ٿيندي، اهڙي صورت ۾ فوج اچي ته ان جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، هڪ عوامي عدالت آهي ٻي وڏي عدالت آهي، عوام جي عدالت مان فيصلو چاهيو ٿا ته 2018ع جي اليڪشن ۾ ٿي ويندو، عدالت عظميٰ کان ڪا به وڏي عدالت ناهي، پهرين نومبر تي پاناما تي ٻڌڻي ٿيندي.36

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *