فوج جو پڌرنامو حڪومت لاءِ لڪل لفظن ۾ واضح پيغام آهي: خورشيد شاهه

اسلام آباد (بيورو) قومي اسيمبلي ۾ ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس جي پڌرنامي جو ذڪر ٿيو آهي، اپوزيشن اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته بهتر حڪمراني قائم ڪرڻ بابت پاڪ آرميءَ جو بيان حڪومت لاءِ وڏو اشارو آهي،جنهن کي سمجهڻ گهرجي،محمود خان اچڪزئي جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٻئي شريف هڪ پيج تي هوندا ته هو سندن غيرمشروط حمايت ڪندو. قومي اسيمبليءَ جو اجلاس اسپيڪر اياز صادق جي صدارت هيٺ شروع ٿيو ته مخالف ڌر ڪورم پورو نه هئڻ جي نشاندهي ڪئي. ايوان ۾ ڳالهائيندي مخالف ڌر جي اڳواڻ سيد خورشيد شاهه چيو ته ڪور ڪمانڊرز ڪانفرنس ۾ بهتر حڪمراني قائم ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي. خورشيد شاهه چيو ته پاڪ آرميءَ جو بيان حڪمرانن لاءِ واضح اشارو آهي،جنهن کي سمجهڻ گهرجي،جڏهن ته جنرل راحيل شريف جي هدايت باوجود وزيراعظم ڪابينا ميمبرن کي بهتر حڪمرانيءَ لاءِ ڪجهه به ناهي چيو. مخالف ڌر جي اڳواڻ ان موقعي تي اڻپوري ڪورم جي نشاندهي پڻ ڪئي،جنهن تي اسپيڪر اجلاس جي ڪارروائي 10 منٽن لاءِ ملتوي ڪئي. هڪ موقعي تي شيخ رشيد به ڪورم جي نشاندهي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسپيڪر کيس روڪي ورتو، جنهن تي شيخ رشيد جو چوڻ هو ته هي ايوان اپوزيشن هلائي رهي آهي، حڪومت جي غير سنجيدگي مناسب ناهي. ڪورم پورو نه هئڻ تي پشتونخواهه ملي عوامي پارٽيءَ جي سربراهه محمود خان اچڪزئي ايوان مان علامتي واڪ آئوٽ ڪيو. ايوان ۾ ڳالهائيندي محمود خان اچڪزئي جو چوڻ هو ته ٻئي شريف هڪ پيج تي هوندا ته هو سندن غير مشروط حمايت ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن جمهوري حڪومت لاءِ خطرا پيدا ٿيندا ته هو سويلين شريف جي ڀر ۾ بيٺل رهندو، جنهن سان ئي آئين جي بالادستي ثابت ٿيندي. محمود خان اچڪزئي وڌيڪ چيو ته هو وزيرن ۽ ايم اي ايز کي عياشي ڪرڻ جي اجازت نه ڏيندا، هاڻي هو پاڻ ڪورم جي نشاندهي ڪندو. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران ميمبرن جي پڇيل سوالن جا گهرو وزير چوڌري نثار علي لکت ۾ جواب پيش ڪيا. گهرو وزارت پاران ايوان اندر لکت ۾ پيش ڪيل سوالن جا جواب ڏيندي ٻڌايو ويو ته اسلام آباد ۾ 19 دڪانن تي ڇاپن دوران حرام گوشت نه مليو،97 ڪلو صحت لاءِ هاڃيڪار گوشت هٿ آيو،26 هوٽل ۽ بيڪريون سيل ڪري 9 لک 40 هزار رپيا ڏنڊ پڻ مڙهيو ويو. جواب ۾ وڌيڪ چيو ويو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان کي 118 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿي چڪو آهي. گهرو وزارت جي جواب ۾ چيو ويو ته سنڌ ۾ 16 ارب ۽ پنجاب ۾ 13 ارب رپين کان وڌيڪ نقصان ٿيو جڏهن ته خيبر پختون خواهه ۾ 15 ارب ۽ بلوچستان ۾ 4 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيا.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *