فوجي قيادت بابت افواهه بي بنياد ۽ افسوس جوڳا آهن: ڊي جي آءِ ايس پي آر

راولپنڊي(م.ڊ) ڊي جي آءِ ايس پي آر ليفٽيننٽ جنرل عاصم سليم باجوه واضع ڪيو آهي ته فوجي قيادت بابت افواهه ۽ پروپيگنڊه بي بنياد ۽ افسوس جوڳا آهن، فوج ڪنهن به تبديلي بابت آءِ ايس پي آر پاڻ آگاهه ڪندي. جي ايڇ ڪيو ۾ ميڊيا سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن چيو ته فوج ۽ فوجي قيادت بابت ناڪاري پروپيگنڊه کان پاسو ڪيو وڃي، فوج ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي بابت آءِ ايس پي آر پاڻ آگاهه ڪندي. هن چيو ته فوج ۾ معمول جو ترقيون، مقرريون ۽ بديلون تي افواهه درست ناهن.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *