فوجي عدالتون قائم ڪرڻ جو قانون لاڳو ٿي ويو، صدر بل تي صحيح ڪري ڇڏي

اسلام آباد (بيورو) صدر ممنون حسين، 21 هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم وارن بلن تي صحيح ڪري ڇڏي،جنهن بعد فوجي عدالتون قائم ڪرڻ وارو قانون لاڳو ٿي ويو آهي. آئين تحت 21 هين ترميم ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم جي منظور ڪيل بلن کي ايوان صدر ڏانهن اماڻيو ويو،جنهن تي صدر ممنون حسين صحيح ڪئي. صدر جي صحيح بعد هاڻي اهي ترميمون آئين جو حصو بڻجي ويون ۽ بنا دير لاڳو ٿي ويون. واضح رهي ته گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ 21 هين آئيني ترميم ۽ آرمي ايڪٽ جي ترميمي بلن جي منظوري ڏني هئي،جنهن تحت ٻن سالن لاءِ فوجي عدالتون ڪم ڪنديون،جن ۾ دهشتگردن خلاف ڪيسن جون تڪڙيون ٻڌڻيون ٿينديون..

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *