فوجي عدالتون بڻائڻ جو فيصلو جمهوري حڪومت ڪيو: نواز شريف

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم نواز شريف چيو ته انصاف جي تيز فراهمي دهشتگردي جي لعنت جي خاتمي لاءِ ضروري آهي جنهن جي خاتمي لاءِ آئين ۽ آرمي ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي وئي آهي، فوجي عدالتون بڻائڻ جو فيصلو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر نه جمهوري حڪومت ڪيو، نفرت ۽ فرقيواريت ڦهلائڻ وارن جا ڪيس فوجي عدالتن ۾ هلندا، ايوان صدر ۾ صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم نواز شريف سان بزنس ڪميونٽي جي وفد ملاقات ڪئي ان موقعي تي وزيراعظم جو چوڻ هو ته آپريشن ضرب عضب دهشتگردي جي خاتمي لاءِ انتهائي اهم آهي، مذهب جي نالي تي معاشري کي  دهشتگرد زده ڪندڙن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻينداسني، هن چيو ته پاڪستان کي اڄ دهشتگردي ۽ توانائي بحران جا 2 وڏا مسئلا سامهون آهن جن کي منهن ڏيڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن،  2017ع تائين وڌ کان وڌ بجلي پيدا ڪرڻ چاهيون ٿا، مشڪلاتن کان گهٻرايا ناهيون، مسئلا حل ڪنداسين، ڪراچي ۾ ايل اين اي ٽرمينل مڪمل ٿي ويو آهي امپورٽ جا ڪانٽريڪٽ به جلد ٿي ويندا، گهريلو صارفين لاءِ به بجلي ۽ گيس جا مسئلا حل ڪنداسين ڪاروباري طبقي لاءِ پئٽرول ۽ بجلي جا مسئلا حل ڪر ي رهيا آهيون، وزيراعظم چيو ته مشڪلاتن باوجود معيشت صحيح راهه تي هلي رهي آهي، ڌرڻا نه هجن ها ته ملڪ جي معيشت وڌيڪ بهتر هجي ها، انفراسٽرڪچر جي تعمير لاءِ تيزي سان ڪم جاري آهي، منصوبن لاءِ ٽينڊر طلب ڪري ورتا آهن، ڪراچي لاهور موٽروي  جي تعمير لاءِ 55 ارب روپين جو فنڊ جاري ڪري ڇڏيو آهي، ايران کان گوادر تائين گيس پائپ لائن وڇائي ويندي ۽ گوادر کان نوابشاهه گيس پائپ لائن وڇائڻ جو فيصلو به ڪري ورتو آهي،  روپئي جي قدر ۾ اضافو ۽ پاڪستان کي ايندڙ نسلن جي رهڻ جي قابل بڻائڻو آهي، وزيراعظم جو چوڻ هو ته ملڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 15 ارب ڊالر ٿي ويا آهن ٽيڪس ريٽ گهٽ ٿيڻ گهرجي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *