فوجي عدالتن مان سزا يافتا ۴ دهشتگردن کي ڦاهي ڏني وئي آهي: آءِ ايس پي آر

راولپنڊي (اين اين آءِ) فوجي عدالتن مان موت جي سزا ماڻيندڙ 4 خطرناڪ دهشتگردن کي ڦاهي تي لٽڪايو ويو پاڪ فوج جي آءِ ايس پي آر مطابق جاري بيان مطابق انهن دهشتگردن کي دهشتگردي معصوم شهرين ۽ قانون نافذ ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن تي حملن جي الزام ۾ موت جي سزا ٻڌائي ويئي هئي پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان سان تعلق رکندڙ چئن دهشتگردن کي فوجي عدالتن ۾ ڪيس هلايا ويا هئا آءِ ايس پي آر موجب رحمان الدين پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو رڪن هو جيڪو پاڪستان جي هٿياربند فوج قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي حملن ۽ امن ڪميٽي جي هڪ ميمبر جي قتل ۾ ملوث هو. هن ٽرائيل ڪورٽ ۽ مئجسٽريٽ اڳيان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو هو مشتاق خان ولد عمر سليم به پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو ميمبر هو ۽ هي به قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي حملن ۾ ملوث هو عبدالرحمان ولد فضل هادي به پابندي مڙهيل ٽي ٽي پي جو ميمبر هو جيڪو بيگناهه شهرين جي قتل ۾ ملوث هو. پابندي مڙهيل تحريڪ طالبان پاڪستان جو سرگرم ميمبر ظفراقبال ولد محمد خان قانون نافذ ڪندڙ ادارن تي حملي ۾ ملوث هو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ جونيئر ڪميشن آفيسر ۽ فرنٽيئر ڪانسٽبيلري جو هڪ سپاهي شهيد ٿيو هو.ٻئي طرف  آدم ۽ گهر شماري جو ٻيون مرحلو اڄ کان 87 ضلعن ۾ شروع ٿي چڪو آهي، ان دوران آدم شماري ڪندڙ نمائندن ۽ فوجين آرمي هائوس راولپنڊي وڃي ڊيٽا حاصل ڪيو ۽ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه جي گهر لي 103 نمبر ڏنو ويو آهي. آءِ ايس پي آر موجب آدم ۽ گهر شماري جي ٻين مرحلي دوران آرمي چيف قمر جاويد باجوه جي گهر کي 103 نمبر ڏنو ويو آهي. آءِ ايس پي آر ان دوران نمائندن ۽ فوجي اهلڪارن آرمي هائوس راولپنڊي مان ڊيٽا جمع ڪيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *