فوجي عدالتن جي مدي ۾ واڌ: قومي اسيمبلي بعد سينيٽ به بل جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): سينيٽ قومي اسيمبلي مان منظور ٿيل فوجي عدالتن جي مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ واري بل جي منظوري ڏئي ڇڏي، 28هين ترميم جي حق ۾ 78 ووٽ ۽ مخالفت ۾ 3 ووٽ ڏنا ويا، جمعيت علماءِ اسلام ف ۽ بلوچستان نيشنل پارٽي جي سينيٽرز اجلاس ۾ حصو نه ورتو، پختونخوا ملي عوامي پارٽي جي گل بشريٰ، عثمان ڪاڪڙ ۽ اعظم خان موسيٰ خيل  28هين ترميم جي مخالفت ۾ ووٽ ڏنو، واضح رهي ته سينيٽ جي گذريل اجلاس ۾ آرمي ايڪٽ ۾ ڪيل ترميمن کي اڪثريت راءِ سان منظور ڪيو ويو، جڏهن ته فوجي عدالتن جي قيام واري مدي ۾ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري نه ڏني هئي، سينيٽ مان منظوري کانپوءِ 28هين ترميم کي صدر ممنون حسين ڏانهن موڪليو ويندو، جنهن کانپوءِ ان کي ايڪٽ آف پارليامينٽ جو درجو حاصل ٿي ويندو، واضح رهي ته جنوري 2015ع ۾ فوجي عدالتن جي قيام جي حوالي سان 21هين آئيني ترميم پارليامينٽ ۾ منظور ڪئي پئي وئي ته رضا رباني روئڻهارڪو ٿي ويو هو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *