فواد چوڌري جو سنڌ حڪومت ڪيرائڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو: ترجمان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ حڪومت جي ترجمان ۽ صلاحڪار مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته فواد چوڌري جو حڪومت ڪيرائڻ وارو خواب ڪڏهن به پورو نه ٿيندو، سنڌ حڪومت آئيني ۽ عوام جي طاقت رکندڙ آهي. وفاقي وزير فواد چوڌري جي بيان تي ردعمل ڏيندي مرتضيٰ وهاب چيو ته وڏي وزير تي تنقيد ڪري فواد چوڌري پنهنجو ننڍڙو قد وڌائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪري رهيو آهي، فواد چوڌري جهڙي لوٽي جو وفاقي وزير ٿيڻ ملڪ جي بدقسمتي آهي، هو اطلاعات جو قلمدان کسجڻ سبب هو هوش وڃائي ويٺو آهي. هن چيو فواد چوڌري جو ماضيءَ سنڌ حڪومت جي تعريفن سان ڀريل آهي، هن جهڙا ماڻهو چور دروازي جي ڳولا ۾ رهندا آهن، هو اڄ عمران خان ته سڀاڻي ڪنهن ٻئي جا احسان ڳائيندو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *