فواد عالم جو منفرد اسٽائيل بحث جو سبب بڻجي ويو

ڪراچي(اسپورٽس نيوز) فواد عالم جو منفرد اسٽائل بحث جو سبب بڻجي ويو. رپورٽ موجب سائوٿمپٽن ٽيسٽ ۾ ٻڙي تي ايل بي ڊليو ٿيڻ  جو سبب ان کي قرار ڏنو پيو وڃي.البته ڪوچ مصباح الحق ۽ بيٽنگ ڪوچ يونس خان ان تبديلي تي ڪابه ڳالهه ناهي ڪئي. منفرد انداز ۾ بيٽنگ جي لاءِ بيهندڙ هڪ ٻئي بيٽسمين چندر پال ماضي ۾ فواد جي حوصله افزائي ڪري چڪو آهي.تفصيل  موجب 10 سالن کان پوءِ ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ واپسي ايندڙ فواد عالم سائوٿمپٽن ۾ پهرين اننگ جي دوران بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي  آئوٽ ٿي ويو هو.بيٽنگ دوران ڪريز تي بيٺل هجڻ جو ان جو منفرد انداز ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيو هو سڄيون وڪيٽون ڇڏي ليگ اسٽمپ جي ٻاهر هليو وڃي ٿو ۽ پوءِ بالر جي هٿن مان بال نڪرندي ئي سامهون اچي ويو.ڪجهه ماهرن جو خيال آهي ته ان ۾ ايل بي ڊبليو ٿيڻ جا امڪان وڌيڪ آهن ۽ انگلش پيسر ڪرس ووڪس جي بال تي فواد جي ان انداز ۾ آئوٽ ٿيڻ کي هن تاثر کي هٿي ملي. 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *