فنڪار هميشه پنهنجي فن سان ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيرن ٿا: صبا صحر

ڪنب(شوبز نيوز)فنڪار ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيرن ٿا عابده پروين ۽ حميره چنو جو راڳ پسند آهي سنڌ جي اڀرندڙ فنڪاره صبا سحر ڪنب ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندو چيو فنڪار هميشه پنهنجي فن سان ماڻهن جي چهرن تي مرڪون وکيرن ٿا ۽ مايوس دلين کي مهڪائين ٿا سينيئر فنڪارن سان ڏسي 2015 کان ڳائڻ جي شروعات ڪئي هن چيو ته هن وقت تائين 5 کان وڌيڪ البم مارڪيٽ ۾ اچي ويا آهن جن کي ٻڌندڙن ڏاڍو پسند ڪيو آهي ۽ جلد منهنجو نئون البم به مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آهي اميد آهي ته اڳ جيان ٻڌندڙ نئين البم کي به پسند ڪنداهن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو ته عابده پروين جو راڳ پسند آهي ۽ صوفياڻا راڳ به پسند ڪندي آهيان

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *