فلم ۾ مداحن جي راءِ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي: اجي ديوگن

ممبئي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته مداحن جي راءِ کي پڻ نظر ۾ رکڻ گهرجي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪار اجي ديوگن چيو آهي ته سندس شهرت سڄي دنيا ۾ وڏي انگ ۾ موجود سندس مداحن جي محبت ۽ قدرداني سبب آهي ۽ هو جڏهن ڪا فلم ٺاهيندو آهي ته مداحن جي خواهشن ۽ چاهتن کي ضرور ذهن ۾ رکندو آهي. هن چيو ته اسان جا مداح اسان کي اسٽار بڻائيندا آهن، اسان سان محبت ڪندا آهن ته اسان کي پڻ پنهنجن مداحن جي راءِ کي نظر ۾ رکڻ گهرجي. هن چيو ته سندس فلم ”گول مال فور“ ۽ ”بادشاهو“ به منفرد فلمون آهن. ٻنهي جا موضوع هڪ ٻئي کان مختلف آهن ۽ مداحن کي ۲ مختلف فلمون ڏسڻ جو موقعو ملندو ۽ کيس ان حوالي سان ڪا پريشاني ناهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *