فلم ”پدماوت“ 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي وئي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ هدايتڪار سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ”پدماوتي“ پنهنجي ريليز جي چوٿسين ڏينهن ئي 100 ڪروڙ کان وڌيڪ جو بزنس ڪرڻ م ڪامياب ٿي وئي. ڊگھي عرصي کان مظاهرن جي ور چڙهڻ باوجود 100 ڪروڙ ڪلب ۾ شامل ٿي فلم باڪس آفيس تي هٽ ثابت ٿي چُڪي آهي. باڪس آفيس انڊيا جي رپورٽ موجب فلم پنهنجي ريليز جي پهرين ڏينهن19 ڪروڙ رپيا ڪمايا، جنهن بعد جمعي تي فلم باڪس آفيس تي 32 ڪروڙ رپيا حاصل ڪيا. ڇنڇر تي 27 ڪروڙ جو بزنس ڪيو، جڏهن ته آچر تي فلم 30 ڪروڙ هندوستاني رپيا ڪمائڻ ۾ ڪامياب رهي. جنهن کانپوءِفلم هينئر تائين 110 ڪروڙ رپيا ڪمائي چڪي آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *