فلم نور جو ٽريلر جاري، دبنگ گرل سوناڪشي صحافڻ جي روپ ۾ نظر ايندي

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي دبنگ گرل سوناڪشي سنها جلد پنهنجي مداحن کي صحافي جي روپ ۾ نظر ايندي پاڪستاني مصنفه صبا امتياز جي مشهور ناول ڪراچي يو آر ڪلنگ مي تي ٻڌل بالي ووڊ جي نئين فلم نور جو آفيشل ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي 2014 ۾ شايع ٿيندڙ ناول ڪراچي يو آر ڪلنگ مي جي ڪهاڻي هڪ عورت صحافي تي ٻڌل آهي سنهيل سپي جي هدايتڪاري ۾ ٺهندڙ ڊرامه فلم نور ۾ سوناڪشي سنها نور نالي صحافي جي روپ ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪندي جڏهن ته فلم جي وڌيڪ ڪاسٽ ۾ پورب ڪوهلي، ڪانان گل، شيباني داديڪر ۽ وڌيڪ شامل آهن ياد رهي ته بالي ووڊ جي نئين ايندڙ فلم نور هلندڙ سال 21 اپريل تي سئنيمائن ۾ پيش ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *