فلم جي ناڪامي تي شوقينن جو شاهه رخ خان کان پيسن جي واپسي جو مطالبو

ممبئي (شوبز نيوز) باليووڊ ڪنگ شاهه رخ خان ۽ انوشڪا شرما جي تازو ئي رليز ٿيندڙ فلم جب هيري ميٽ سيجل جي ناڪامي کان پوءِ شوقينن شاهه رخ خان کان پيسن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي،  هڪ وقت هو جڏهن باليووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان جون فلمون رليز ٿيندي ئي رڪارڊ بزنس ڪنديون هيون، پر هاڻي باليووڊ تي حڪمراني ڪندڙ خانز جو وقت سٺو نه هلي رهيو آهي، جنهن جي ڪري پهريان سلمان خان جي فلم ٽيوب لائيٽ باڪس آفيس تي ناڪامي جو شڪار ٿي ۽ هاڻي شاهه رخ خان جي فلم جب هيري ميٽ سيجل شوقينن کي متاثر نه ڪري سگھي شوقين  ايتري قدرمايوس ٿيا آهن جو انهن ڀارتي وزير خارجا شسما سوراج کي مدد جي درخواست ڪرڻ سان گڏ پنهنجا پيسا واپس ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ڀارتي ميڊيا جي مطابق فلم ڏسڻ کان پوءِ ٽوئيٽر تي هڪ شوقين  رد عمل ظاهر ڪندي پيسن جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته هڪ ٻئي شوقين فلم جي هدايتڪار امتياز علي کي مخاطب ٿيندي چيو ته انهن ٻنهي  کي فلم ۾ گڏ ملائڻ جي ڪهڙي ضرورت هئي. واضع رهي ته فلم جب هيري ميٽ سيجل پنجن ڏينهن ۾ صرف 52 ڪروڙ 90 لک روپيا جو ئي بزنس ڪري سگھي، جيڪا هلندڙ سال رليز ٿيڻ واري فلمن ۾ هن وقت تائين سڀ کان گھٽ بزنس آهي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *