فلم جي حوالي سان هراسان ڪندڙ سمورن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيندس: ڪنگنا رناوت

 

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي باغي اداڪارا ڪنگنا رناوت پنهنجي فلم  مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي تي اعتراض اُٿاريندڙن ۽ کيس هراسان ڪندڙن کي ڌمڪي ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن کيس هراسان ڪيو ويو ته هوءَ سڀني کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ڀارت ۾ راجپوتن جي تنظيم شري ڪرني سينا اداڪارا ڪنگنا رناوت جي فلم مني ڪارنيڪا: ڪوئين آف جهانسي تي اعتراض واريندي فلم جي هدايتڪار، پروڊيوسر ۽ ليکڪ کي هڪ خط موڪليو آهي جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن فلم ۾ راڻي لڪشمي ٻائي جي شخصيت کي بگاڙي ڪري پيش ڪيو ويو يا بدنام ڪيو ويو ته سندن خلاف احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.   ميڊيا جي رپورٽن موجب فلم ۾ راڻي لڪشمي ٻائي کي هڪ انگريز سان رومانس ڪندي ڏيکاريون ويو آهي انکانسواءِ فلم ۾ راڻي لڪشمي ڊانس جو به هڪ سين شامل آهي جنهنڪري ڪرني سينا فلم تي اعتراض واريو آهي ۽ ريليز کان اڳ پهريان پاڻ فلم ڏسڻ جو مطالبو ڪيو آهي. اداڪارا ڪنگنا رناوت ڪرني سينا جي ڌمڪي تي ردعمل ڏيندي چيو آهي ته هوءَ فلم جي حوالي سان هراسان ڪندڙ سمورن ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏيندي. ڪنگنا وڌيڪ چيو ته چار تاريخدانن اسان جي فلم کي سرٽيفيڪيٽ جاري ڪيو آهي ان کانسواءِ اسان کي سنسر بورڊ کان به ڪليئرنس سرٽيفيڪيٽ مليو آهي ۽ ڪرني سينا ان ڳالهه کان آگاهه آهي ان باوجود اهي ماڻهو لڳاتار مونکي فلم جي حوالي سان هراسان ڪري رهيا آهن، جيڪڏهن انهن ماڻهن مونکي هراسان ڪرڻ بند نه ڪيو ته کين اهو ڄاڻڻ گهرجي ته مان به راجپوت آهيان ۽ مان هراسان ڪندڙ سڀني ماڻهن کي تباهه ڪري ڇڏينديس.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *