فلم ”جب هيري ميٽ سجل“ جي شوٽنگ ختم ٿيڻ باوجود سجل جي ڪردار کان ٻاهر ناهيان نڪتي: انوشڪا شرما

نئين دهلي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا انوشڪا شرما چيو آهي ته ڪجهه مهينا اڳ فلم ”جب هيري ميٽ سجل“ جي شوٽنگ ختم ٿيڻ باوجود هو پنهنجي سجل جي ڪردار کان ٻاهر ناهيان نڪتي. ڀارتي سڌ سماءَ وارن ذريعن موجب اداڪارا انوشڪا شرما ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪجهه مهينا اڳ فلم جي شوٽنگ ختم ٿيڻ باوجود اڃا سجل جي ڪردار ۾ ئي آهي. هن چيو ته مون کي نه ٿو لڳي ته سجل مون کي ڇڏي رهي آهي، هو اڃا به مون سان ڳنڍيل آهي. فلم جي ڪهاڻي پنجابي گائيڊ ۽ گجراتي ڇوڪري تي ٻڌل آهي. فلم ۾ شاهه رخ خان پنجابي گائيڊ جڏهن ته انوشڪا شرما گجراتي ڇوڪريءَ جو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. فلم ۴ آگسٽ تي رليز ڪئي ويندي.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *