فلم “بجرنگي ڀائي جان” ۾ عاطف اسلم جي گيت“ تو چاهئي” جي وڊيو جاري

ممبئي(شوبز نيوز): سلمان خان جي ايندڙ نئين ايڪشن، رومينٽڪ فلم “بجرنگي ڀائي جان” لاءِ پاڪستاني پاپ اسٽار عاطف اسلم جي گيت “تو چاهئي” جي وڊيو جري ڪئي وئي آهي. بالي ووڊ جي دبنگ سلمان خان جي ايندڙ نئين ايڪشن ۽ رومينٽڪ بالي ووڊ فلم ” بجرنگي ڀائي جان لاءِ سپر پاپ اسٽار عاطف اسلم جي آواز ۾ رڪارڊ ڪيل گيت “تو چاهئي” جي وڊيو رليز ڪئي وئي آهي. توچاهئي، تي ٻڌل ٻولن جي هن گيت جي موسيقي پريتم ترتيب ڏني آهي، جنهن جي وڊيو ۾ سلمان خان ۽ ڪرينا ڪپور کي خوشگوار موڊ ۾ ڏيکاريو ويو آهي. هن فلم ۾ سلمان خان نه رڳو ايڪشن ۾ نظر ايندو پر هڪ پاڪستاني ٻار جي محافظ جي روپ ۾ به کيس ڏسي سگهنداسين.ڪبير خان جي هدايت ۾ ٺهندڙ هن فلم جي ڪهاڻي هڪ پاڪستاني ڇوڪري جي آهي، جيڪا ڀارت ۾ پنهنجي مائٽن کان وڇڙي ٿي وڃي. وڌيڪ توهان فلم ڏسو خبر پئجي ويندي ته پوءِ ڇا ٿيو.

 

Author: Tariq Sandilo

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *